ڪيٽي بندر جي شھر سڄڻ واري ۾ ڳوٺ جي ڀر ۾ قائم جاڙو ملاح جي ھوٽل تي پيروزاڻي برادري جي ھٿياربندن ماڻھن ھلان ڪري ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، رپيٽر ۽ بندوق جا فائر ڪرڻ

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڪيٽي بندر جي شھر سڄڻ واري ۾ ڳوٺ جي ڀر ۾ قائم جاڙو ملاح جي ھوٽل تي پيروزاڻي برادري جي ھٿياربندن ماڻھن ھلان ڪري ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، رپيٽر ۽ بندوق جا فائر ڪرڻ سميت ڪھاڙيون ھڻي ملاح برادري جي 6 ڄڻن کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمين ۾ جاڙو ملاح، نظير ملاح، يار محمد ملاح، جمن ملاح، ڀٽو ملاح، اشرف ملاح ۽ ٻيا شامل آھن، جيڪي جاء واردات تي تِڙپندا رھيا پر کين ڪير اسپتال پھچائڻ وارو نہ ھو، جن کي وڏين ڪوششن بعد ٻگھاڻ اسپتال پھچائي کين فرسٽ ايڊ ڏني ويئي، جتي 3 زخمين يار محمد ملاح، اشرف ملاح ۽ يارو ملاح جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، پر حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود بروقت جاء واردات تي پھچي ناھي سگھي، حملي آور ھٿياربند ماڻھون ھوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آھن، جن خلاف پوليس اڃان تائين ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي، ملاح برادري سميت زخمي ماڻھن جي وارثن وس وارن کان گھر ڪئي آھي تہ فورن سمورن حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري زخمي ملاح برادري جي ماڻھن جو علاج ڪري سندن حياتيون بچائي ملاح برادري کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ھوڏانھن ٿيل حملي جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو ۽ نہ ئي آخري اطلاعن تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي. جنھن ڪري علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل آھي.
===================

اپنا تبصرہ بھیجیں