قديم ماڳ موهن جو دڙو تي بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين موهن جو دڙو جو دورو ڪيو،هاء ڪمشنر اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم جو پڻ دورو ڪيو.هاء ڪمشنر کي موهن جو دڙو جو سنڌ ٽوئرزم جو مقرر گائيڊ ارشاد سولنگي آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني

محمد عاشق پٹھان – قديم ماڳ موهن جو دڙو تي بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين موهن جو دڙو جو دورو ڪيو،هاء ڪمشنر اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم جو پڻ دورو ڪيو.هاء ڪمشنر کي موهن جو دڙو جو سنڌ ٽوئرزم جو مقرر گائيڊ ارشاد سولنگي آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني،ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙو ڏسڻ جي تمام خواهش هئي.هتي اچي ڪري تمام وڏي خوشي ٿي آھي،هن چيو ته پاڪستان حڪومت سدائين پيار ڏنو آھي،هن چيو ته اها حيرت انگيز ماڳ اسان کي هڪ امير ترين ۽ قديم تهذيب جي سفر ۾ وٺي وڃي ٿي.هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر موهن جي دڙي تي اچڻ تي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي،هن چيو ته مان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي گرم جوشي ۽ احترام واري انتظامن ۽ مهمان نوازي کي دل جي گهراين سان ساراهيان ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں