پاپوليشن کاتي ٺٽي طرفان 11 جولاء پاپوليشن کاتي جي عالمي ڏيھاڙي جي حوالي سان ھڪ ريلي

ٺٽو(رپورٽ: رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پاپوليشن کاتي ٺٽي طرفان 11 جولاء پاپوليشن کاتي جي عالمي ڏيھاڙي جي حوالي سان ھڪ ريلي دبئي سينٽر مڪلي کان پاپوليشن کاتي ٺٽي جي مڪلي واري آفيس تائين پاپوليشن کاتي ٺٽي جي آفيسر قاضي نديم سرور، ياسر پليجو، ثمينہ ھينس، صحت کاتي جي نمائندي ڊاڪٽر خالد قريشي، UNDP جي نمائندي ڊاڪٽر منير، مرف جي رحمت الله ڇٽو، ڊاڪٽر ثنيرہ، ڊاڪٽر شاھدہ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي پاپوليشن کاتي ٺٽي ايٽ مڪلي واري آفيس تي پھچي ھڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پاپوليشن کاتي ٺٽي جي آفيسر قاضي نديم سرور ۽ ٻين چيو تہ ھو ھر سال 11 جولاء تي ورلڊ پاپوليشن ڊي ملھائين ٿا، جنھن ڏيھاڙي ملھائڻ جو مقصد آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ آھي، ھنن چيو تہ ھن وقت آبادي تيزي سان وڌي رھي آھي، جنھن ڪري ھر ماڻھون کي ھن مھنگائي جي دور ۾ سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ان ڪري ھر گھراڻي کي گھرجي تہ ھو آبادي تي ڪنٽرول ڪري بھتر زندگي گذاري سگھن، ھنن چيو تہ اسانجي پاپوليشن کاتي جو بہ اھوئي پيغام آھي تہ گھٽ ٻار ھجڻ سان ڪٽنب خوشحال زندگي گذاري سگھي ٿو، ان ڪري ھر ماڻھون ان تي عمل ڪري پنھنجي بھتر زندگي گذاري آبادي تي ڪنٽرول ڪن. آخر ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پڻ پھرايون ويون.
====================

اپنا تبصرہ بھیجیں