
ڊائو يونيورسٽي ۾ پلمنري ريهيبليٽيشن سينٽر قائم
ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي جي انتظام هيٺ اوجها ڪيمپس ۾ ملڪ جو پهريون مفت پلمنري ريهيبليٽيشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو رسمي افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نازلي حسين اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيست ڊزيز ۾ جمعي جي صبح ڪيو.
انسٽيٽيوٽ جي پهرين ماڙ تي قائم ڪيل “ڊاڪٽر سيد عاشق حسين ريهيبليٽيشن سينٽر” جو نالو انسٽيٽيوٽ جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر سيد عاشق حسين جي ياد ۾ رکيو ويو آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نازلي حسين اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيست ڊزيسز ۾ انٽرا وينس ايڊمڪسچر اينڊ ڪمپائونڊنگ فارميـسي جو به افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جا ڊائريڪٽر پروفيسر افتخار احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مرتضيٰ سوهو، ڊاڪٽر نياز سومرو، ڊاڪٽر فيصل اسد، ڊاڪٽر فيصل فياض زبيري ۽ ٻيا به موجود هئا.
پروفيسر ڊاڪٽر نازلي حسين چيو ته ڊائو يونيورسٽي جي ڪوشش آهي ته بهترين طبي سهولتون مريضن تائين پهچايون وڃن، ۽ اڄ ٻن نون مرڪزن جي شروعات انهيءَ طرف اڳڀرائي آهي.
پروفيسر افتخار احمد چيو ته اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيست ڊزيسز سينه جي بيمارين جي مريضن کي تشخيص، علاج ۽ دوائن سميت سڀئي سهولتون مفت ۾ فراهم ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته ٽي بي جي مريضن لاءِ آءِ سي يو جي سهولت هتي مفت دستياب آهي، جيڪا ٻي هنڌ ڪٿي به موجود ناهي.
بريفنگ ۾ وائيس چانسلر کي آگاه ڪيو ويو ته اوجها انسٽيٽيوٽ ۾ سينه جي بيمارين جا سوين مريض اچن ٿا، ۽ ڊگهي عرصي کان اهڙي بحالي مرڪز جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي، جتي علاج کان پوءِ مريض مڪمل صحتياب ٿي عام زندگي ڏانهن واپس موٽي سگهن.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ريهيب سينٽر ۾ فزيوتھراپي جا ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي پنهنجي مهارت استعمال ڪندي شفاياب مريضن کي عام زندگي ڏانهن واپس آڻيندا. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نازلي حسين اسٽيٽ آف دي آرٽ ريهيب سينٽر جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته او آءِ سي ڊي ۾ وڌيڪ سڌارن ۽ مريضن لاءِ سهولتن جي واڌاري جي همٿ افزائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ تجويزون تيار ڪري پيش ڪيون وينديون ۽ انهن تي ممڪن حد تائين عمل ڪيو ويندو.
بعد ۾ وائيس چانسلر ربن ڪٽي ۽ تختي جي نقاب ڪشي ڪندي انٽرا وينس ايڊمڪسچر اينڊ ڪمپائونڊنگ فارميـسي جو به افتتاح ڪيو.
هن موقعي تي وائيس چانسلر کي ٻڌايو ويو ته هن فارميـسي جي قيام جو مقصد سينه جي بيمارين لاءِ تجويز ڪيل قيمتي ۽ فوري اثر ڪندڙ انجيڪشن تيار سرنج ۾ فراهم ڪرڻ آهي، جنهن سان غلط استعمال جو امڪان ختم ٿي ويندو. پروفيسر ڊاڪٽر نازلي حسين آءِ وي ڊائليوشن سينٽر جي دوا فراهم ڪرڻ جي طريقي بابت ڪجه سوال ڪيا ۽ ان طريقيڪار جي تعريف ڪئي.


