
رپورٽ: رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽو:ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇھہ نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان مڪلي کان ٺٽي تائين ھزارين عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ مردن جي 5 ڪلوميٽرن تائين پرجوش پيادل مارچ، مارچ قومي شاھراھ جو سخت نٽھڻ اُس ۾ گشت ڪندي ٺٽي جي مين اسٽاپ تي پھتو، جتي مارچ جي پانڌيئڙن ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مارچ ۾ شامل ڪارڪن ”ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو،“ ”ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو،“ ”ڪينجهر تي قبضو ختم ڪريو،“ ”هاليجي ڍنڍ تي قبضو ختم ڪريو،“ ”ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪريو،“ ”گورک کپائڻ بند ڪريو،“ ”ڪاڇي واسين کي لڏائڻ بند ڪريو“ جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرہ. گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي ڏنل زمينون واپس وٺي مقامي بي زمين هارين کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زئور ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ملڪ جي وجود تي وار آهن، سنڌين ۽ بلوچن سميت مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن جا منصوبا آهن، ايس آئي ايف سي جو ادارو جوڙي آئين جو قتل ڪيو ويو آهي، ايس آئي ايف سي قائد اعظم جي اصولن جي خلاف آهي، ايس آئي ايف سي جو ادارو ڪانگريس جي مرڪز پرست سوچ جي عڪاسي آهي، ملڪ کي 1940ع جي قرارداد بدران جنرل ايوب جي ون يونٽ تحت هلايو پيو وڃي. هنن چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ ۾ بدترين آمريت مڙهي ڇڏي آهي، پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ميڊيا کي به عدليا جيان قيد ڪيو ويو آهي، پيڪا ايڪٽ ترميمي بل اظهار جي آزادي تي پابندي آهي، هي بل بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني جي پاڻيءَ متعلق اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڪيل انڪشاف جي مراد علي شاھ، بلاول ڀٽو ۽ آصفا زرداري کان وضاحت گهرندي اڳواڻن چيو ته واپڊا چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته 6 نوان ڪئنال مراد علي شاھ جي حمايت سان سي سي آئي مان منظور ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري پيپلز پارٽي ڊرامي بازي بدران واپڊا چيئرمين جي بيان جي وضاحت ڏئي جيڪڏهن واپڊا چيئرمين جو انڪشاف ڪوڙو آهي ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪري، جيڪڏهن سچو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌي عوام کان معافي وٺي ۽ حڪومت ڇڏي ڏئي. ھنن چيو تہ سنڌ جو درياءِ وڪرو ڪندڙ پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، پيپلز پارٽي ڪوڙن بيانن ۽ ڊامي بازي بدران آئيني فورم استعمال ڪري 6 نوان ڪئنال رد ڪرائي، 26ھين آئيني ترميم لاءِ ڊوڙ ڊوڪ ڪري مولانا جي در تائين جتيون گسائيندڙ بلاول 6 نون ڪئنالن خلاف ڊوڙ ڇو نٿو ڪري، بلاول ۽ آصفا 6 نون ڪئنالن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان قرارداد منظور ڇو نٿا ڪرائين، بلاول جي ان مجرماڻي ماٺ مان ثابت آهي ته بلاول سنڌو درياءِ ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب سميت سموري ملڪ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪيو پيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ مٿان پرڏيهي حملا آورن جي ڪاھ ٿي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ملڪ مٿان هائبرڊ حملو آهي. ھنن چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي پاڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ بلاول شهباز ڳٺ جوڙ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جو پاڻي بند ڪري، سنڌو درياءِ غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. 6 نوان ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين لاءِ ٺاهيا ويا آهن، اتحادي سرڪار ملڪ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ جو غيرملڪي ڪمپنين ۽ سرمائيڪارن کي وڪرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏيارڻ تائين جدوجهد قومي جوش ۽ جذبي سان جاري رهندي.


ٺٽو:جيلاني ھائوس مڪلي ڀرسان رھندڙ پورھيت خداڏنو ملاح جي گھر کي اوچتو رات جي وقت ننڍ ستي ميڻ بتي مان باھ لڳي ويئي، جنھن ڪري سمورو گھر سامان سوڌو سڙي رک ٿي ويو، گھر ڀاتين رڳو ڀڄي پنھنجون جانيون بچائي ورتيون آھن، جيڪي ھن وقت ھن سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل اھن، جن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، باھ متاثر خداڏنو ملاح ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي اھي تہ سندن دل کولي مدد ڪئي وڃي، جيئن ھو ٻيھر گھر اڏي پنھنجي ٻچن کي سردي کان بچائي سگھن.
ٺٽو:سنڌي ٻولي ۽ سنڌو، سنڌ ڌرتيء جي وجود جي سڃاڻپ آھن، سنڌ جا قلمڪار پنھنجي ٻولي ۽ سنڌو درياء خلاف ھر سازش جو ھر محاظ تي مقابلو ڪندا، اھڙن خيالن جو اظھار سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي ھڪ اھم ادبي ويھڪ جيڪا ڪھاڻيڪار ۽ اديب لعل بخش ڪاتيار جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن کي ساڃاھ وندن خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اديبن شاعرن پنھنجون تخليقون جن ۾ فقير اڪرم مڱڻھار نظم، سيد انور علي شاھ ٻاراڻي ادب مان ڪھاڻي، احسان ھاليپوٽو نظم، نبي بخش بھراڻي انقلابي شاعري، آزاد درس بيت، محمد خان ملاح گيت پيش ڪيو. جن تي فقير اڪرم مڱڻھار، سلمان عبدالله، شھمير شاد ۽ ٻين اصلاحي تنقيدي جائزو پيش ڪيو، جڏھن ته پروگرام جي شروعات انور آرزو ميمڻ جي سريلي آواز ۾ شاھ سائين جي سر يمن ڪلياڻ مان وائيء سان ڪئي وئي.
ٺٽو:2 ھفتا اڳ جھمپير لڳ ڳوٺ الھجڙيو منڇري ۾ باھ لڳڻ سبب 7 ماھيگير پورھيتن جا گھر الھ تلھ سميت سڙي رک ٿي ويا ھئا، جن باھ متاثرين جي پوئيواري ڪرڻ لاء ھلال احمر پاڪستان ٺٽي جي انچارج حاجي حنيف ميمڻ پنھنجي ٽيم سميت باھ متاثرين وٽ پھچي باھ متاثرين ۾ بسترا، ڪپڙا، ٿانون توڙي ضرورت جو سمورو سامان تقسيم ڪيو. ان موقعي تي ھلال احمر پاڪستان ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ حاجي حنيف ميمڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيندڙن جي ھلال احمر پاڪستان ھميشہ بنا ڪنھن فرق جي مدد ڪندو رھي ٿو، جنھن گذريل ٻوڏن دوران چاليھ ھزار ماڻھن کي راشن ڏيڻ سميت 2 سئو ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري 30 ھزار ماڻھن جو مفت علاج ڪيو ويو. ھن چيو جھمپير لڳ ڳوٺ الھجڙصو منڇري ۾ بہ ڪجھ ڏينھن اڳ باھ لڳڻ سبب 7 پورھيتن جا گھر سڙي ويا ھئا، جن کي پڻ ضرورت جو سامان مھيا ڪيو ويو اھي، جيئن ھو ھن ڏکئي وقت مان گذري سگھن. ان موقعي تي جھمپير جو اڳوڻو يوسي چيئرمين محمد ھاشم سولنگي، محمد خان ملاح، شاھد سمون ۽ ٻيا پڻ حاجي حنيف ميمه سان گڏ ھئا.
ٺٽو:يونين ڪائونسل مڪلي جي حد درگاھ بولا شاھ ڀرسان قائم. قديمي ڳوٺ عبدالرزاق سمون جي ڳوٺاڻن پاران پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پھريان پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪرڻ جي گھر ڪندي متاثر ڳوٺاڻن عبدالرزاق سمون، سڪندر سمون، غفور، دلدار سمون ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو تہ کين ڪافي وقت کان پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي جنھن ڪري ھو پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجي پاڻي خريدڻ توڙي پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن گھر ڪئي تہ کين پھريان پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪيو وڃي، جنھن بعد ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، ڳوٺاڻن پاران پنھنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ جو ڊي سي ٺٽو پاران فورن نوٽيس وٺندي مختيار ڪار ٺٽو مقصود احمد جوکيو، اسسٽنٽ مختيارڪار عبدالعزيز ميمڻ، ڊي سي افيس جي سيد رياض شاھ، ڊي ايس پي ٺٽو کي ڳوٺاڻن وٽ موڪليو، جن ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪرائي کين پيئڻ جي پاڻي جي لائين ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور پاران ڏيارڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرائي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو مھم کي جاري رکيو.


