
ٺٽو(ڊر)ساڍا 5 مهينا اڳ ڪراچي جي اسپتال مان علاج ڪرائي واپس موٽندڙن جي الٽو ڪار مٿان اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس پاران فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيٽي بندر جي رهواسڻ ساران سمون جي مارجي وڃڻ وارو واقعو سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪمن باوجود ملوث ايس ايڇ او آغا رشيد ۽ ٻين اهلڪارن تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف اڄ سنڌ ھاء ڪورٽ پاران سخت ڪاوڙ جو اظھار مقتولا عورت ساران سمون جي پُٽ صدام سمون پاران داخل ڪرايل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سنڌ ھاء ڪورٽ فوري طور اسٽيل ٽائون جي موجوده ايس ايڇ او کي حڪم جاري ڪيو ته ان وقت جي ايس ايڇ او آغا رشيد سميت ملوث سمورن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري شام تائين ڪيس جي ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪيو وڃي فريادي ڌر جي پاران ناليوارو وڪيل ايڊووڪيٽ اشرف سمون ڪيس جي پيروي ڪري رهيو آھي. ان موقعي تي مقتولا عورت ساران سمون جو پُٽ فريادي صدام سمون ۽ مقتولا عورت جي ڀاءُ سماجي اڳواڻ يعقوب سمون ڳالهائيندي چيو ته ساڍا 5 مهينا اڳ ڪيٽي بندر واسڻ عورت ساران سمون کي قتل ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪمن ۽ احتجاجن ڌرڻن باوجود اسٽيل ٽائون پوليس ايف آء آر ڪٽڻ لاء تيار نه هئي جنهن کانپوء توهين عدالت جي درخواست ڏني جنهن تي عدالت ٻڌڻي ڪندي فوري طور اسٽيل ٽائون پوليس کي ايف آء آر داخل ڪري شام تائين ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي هنن چيو ته اسانکي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي
Load/Hide Comments


