
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪڻ وارن جو تعداد 3 ڪروڙ 10 لک آھي جنھن سان مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون سگريٽ جي عادت ڇڏڻ لاءِ عام ماڻھن سان گڏ معاشري کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تہ جيئن ڪينسر سميت موذي مرضن مان جان آجي ٿي سگھي. اھڙو اظھار نيشنل پريس ڪلب ٺٽي ۾ سنڌ سجاڳ ويلفيئر ائسوسيئيشن ۽ اي آر آئي سماجي تنظيم پاران منقعد ڪيل سيمينار کي ابراھيم ھيجب، جنيد خان، محمد جعفر، اين آر ايس پي جي عمران جوکيي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڪي بي بھراڻي، الست جي قادر اوٺي، شھري اتحاد جي جاويد غني، سنڌي ادبي سنگت جي رمضان ميمڻ ۽ ٻين تقريرون ڪندي چيو. انھن چيو تہ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت کي ڇڏڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي سگريٽ ڇڪڻ سان ھر سال ھزارين ماڻھو موت جي منھن ۾ ھليا ٿا وڃن. انھن چيو تہ نگوٽين ئي سگريٽ ڇڪڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ سگريٽ جو دونھون نگوٽين کان خطرناڪ آھي انڪري سگريٽ ڇڏڻ لاءِ انجا متبادل حل استعمال ڪرڻ سان سگريٽ جي عادت گھٽ ۽ ختم ڪري سگھجي ٿي. تقريب ۾ علمي، ادبي سماجي شخصيتن لڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي



