
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي ضلعي جي پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي گرفتار ڪيل اڳوڻي يوسي ناظم سميت 11 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي مٿن ڪي فور منصوبي جا قيمتي پائپ ۽ لوھ چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو الزام خبر موجب ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان ڊي ايس پي ٺٽو وحيد لاڙڪ ۽ ايس ايڇ او مڪلي اشفاق منگي سان گڏ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو آھي ته ڪينجهر کان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ زير تعمير ڪي فور جي پراڻي منصوبي مان لکين روپين جي ماليت جا پائپ ۽ لوھ چوري ڪرڻ ۾ هڪ وڏو گروھ ملوث ظاهر ٿيو آھي جنھن ۾ اڳوڻو يوسي ناظم بشير جوکيو 3 پوليس اهلڪارن سميت 11 ڄڻا شامل آھن جن کي گرفتار ڪيو ويو آھي ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان چيو ته گذريل ڊسمبر مهيني ۾ جنگشاهي ويجهو ڪي فور منصوبي جي پائيپ لائينن جي چوري رپورٽ ٿي جنھن ۾ ڪيس داخل ڪري بروقت ٽن جوابدارن اقبال جوکيو نور محمد جوکيو ۽ اسڪريپ ڊيلر فياض لغاري کي گرفتار ڪيو ويو ايس ايس پي ٻڌايو ته جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو ۽ گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڪي فور منصوبي جا پائيپ ۽ لوھ وغيره چوري ڪري وڪرو ڪندڙ وڏي گروھہ جو پتو لڳايو ويو جنھن بعد سندن گرفتاري شروع ڪئي وئي
ايس ايس پي ٻڌايو ته ڇاپن دوران جنگشاهي جي اڳوڻي يوسي ناظم بشير جوکيو سندس ساٿين مصباح جمالي، عباس پٺاڻ، نعمت اللّٰه پٺاڻ، امتياز پٺاڻ، طارق اڪبر جوکيو، يوسف پٺاڻ، وحيد شاھ ۽ مڪلي ٿاڻي جي ٽن پوليس اهلڪارن ڪامران جوکيو واجد جوکيو ۽ فهيم پليجو کي گرفتار ڪيو ويو آھي جن وٽان چوري ٿيل پائيپ ۽ لوھ توڙي هڪ ٽرڪ برآمد ڪئي وئي آھي ايس ايس پي ٺٽو واضع ڪيو ته اڳوڻو يوسي ناظم بشير جوکيو ڪي فور منصوبي مان پائيپ لائينن ۽ لوھ جي چوري ۾ واردات ۾ ملوث ڏوهارين جي سرپرستي ڪندو رهيو آھي جنھن کي سندس ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آھي
واضع رهي ته گذريل ڏينهن جنگشاهي جي اڳوڻي يوسي ناظم بشير احمد جوکيو کي گرفتار ڪيو ويو هو جنھن سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري ايس ايس پي ٺٽو پريس ڪانفرنس ذريعي ظاهر ڪري ڇڏي آھي


