ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو آهي ته پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جنهن کان ٻارڙن کي تحفظ فراھم ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي.


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي): ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو آهي ته پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جنهن کان ٻارڙن کي تحفظ فراھم ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. هن ضلعي جي عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پوليو مهم دوران پنھنجي ڄمڻ کان وٺي پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال مڪلي ۾ 9 کان 15 سيپٽمبر 2024 تائين جاري رهندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا فرض محنت، ايمانداري ۽ سچائي سان سرانجام ڏين، ڪا به يونين ڪائونسل فيل نه ٿيڻ گهرجي تہ جيئن سو سيڪڙو ھدف حاصل ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن سفر ڪندڙ ٻارڙن کي به ڦڙا پياري سگهجن. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي سمورن صحت مرڪزن ۾ پوليو ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر اين جي اوز جي نمائندن تي زور ڀريو ته هو پوليو مهم جي سرگرمين ۾ پوليو ٽيمن جي هر قسم جي مدد ۽ سهڪار کي يقيني بڻائين. هن تعليم کاتي جي عملدارن ۽ خانگي اسڪولن جي انتظاميہ کي هدايت ڪئي ته پنجن سالن تائين جي شاگردن جي لسٽ جلد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اسڪول جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ اين اسٽاپ پوليو آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار گذريل مهم جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ مهم دوران ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلن ۾ 5 سالن تائين عمر جي 2 لک 34 هزار 471 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو آھي، ان ڏس ۾ 747 گشت ٽيمون، 51 فڪسڊ ۽ 60 ٽرانزٽ پوائنٽس جڏھن تہ 183 ايريا انچارجز مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن مقرر ھدف حاصل ڪري مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاھ، اي ڊي سي ٽو فراز احمد عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت تعليم، صحت، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، مرف، پي پي ايڇ آءِ، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں