
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)– پاڪستان جيم جويلري ٽريڊز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عمران ٽيسوري، فيڊريشن جي سينيئر اڳواڻ ميان زاهد حسين ۽ حبيب الرحمان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ۽ اعليٰ حڪام کي سون جي زيورات جي برآمد جي انتهايي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيا آهيون.
جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته سون جي زيورات جي برآمدات جو شعبو، جيڪو پاڪستان لاءِ قيمتي زرمبادله حاصل ڪرڻ جا هڪ اهم ذريعا مان هڪ آهي، هن وقت ايس آر او 760 جي معطلي جي ڪري 50 سالن جي بدترين بحران جو شڪار آهي.
ايس آر او 760 کي 6 مئي 2025ع تي اسانجي مشاورت کان سواءِ یکدم 60 ڏينهن جي مدت لاءِ معطل ڪيو ويو، جيڪو هاڻي چار مهينا گذرجڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيو آهي. ايس آر او جي معطلي کان پوءِ چار مهينن جي عرصي ۾ هڪ گرام به زيورات برآمد نه ٿي سگهيو، جنھن جي نتيجي ۾ برآمدي ترسيلات کي هاڻي تائين 15 ملين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي.
اول ته سون جي زيورات جي برآمد جي معطلي جو ڪو به جواز موجود نه آهي، پر اصولي طور تي پابندي کان اڳ موصول ٿيندڙ آرڊرز جي تڪميل جي اجازت ملي ڇڏجي هئي، پر مارچ 2025ع ۾ ملندڙ آرڊرز جي تڪميل ۽ برآمد روڪي ڇڏي وئي آهي.
انهي دوران غير ملڪي خريدارن پاڪستاني برآمدڪارن کي نوٽس جاري ڪيا آهن ۽ اڊوانس سون واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. انهي سان گڏ خريدارن واجبات جي ادايي روڪي ڇڏي آهي، جنھن جي ڪري پاڪستاني برآمدڪار شديد مالي بحران ۾ ڦٽل آهن ۽ برآمدي ترسيلات مقرره وقت ۾ ملڪ ۾ آڻين ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن.

مان هتي حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو ته دبئي جي مشهور ڪمپني ٽي ڪے گولڊ اينڊ جيمز ٽريڊنگ ايل ايل سي، پاڪستاني سفارتخاني ابوظهبي کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اڊوانس سون فوري واپس نه ڪيو ويو ته اهي پاڪستان سان سڀ معاهدا ختم ڪري ڇڏيندا. ڪمپني خط ۾ هي به نشاندهي ڪئي آهي ته اهي هر مهينو هندستان کان 30 ڪلو زيورات درآمد ڪن ٿا ۽ اتي کين ڪڏهن به ائين مسئلن جو سامرو نه ٿيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بار بار پاليسي تبديلي ۽ برآمدات جي معطلي جي ڪري اهي اڳ ۾ ئي آرڊرز گهٽا ڇڏيا هئا ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر برآمدات رڪجڻ سان انهن جو اعتماد مڪمل طور مجروح ٿي چڪو آهي. ٻين برآمدڪارن کي به انهن جي خريدارن طرفان انهي قسم جا نوٽس موصول ٿي رهيا آهن ۽ اڊوانس سون واپس گهريو ويندو پيو.
هن وقت صورتحال اها آهي ته 8 وڏن برآمدڪارن وٽ 60 ملين ڊالر جا آرڊرز موجود هئا، جيڪي وڏي مشقت سان هندستان سان مقابلي سان حاصل ڪيا ويا هئا. انهن آرڊرز لاءِ خريدارن مجموعي طور تي 50 ڪلو اڊوانس سون فراهم ڪيو هو، پر ايس آر او 760 جي معطلي کان پوءِ اهي آرڊرز به اٽڪي ويا آهن ۽ اڊوانس سون واپسيءَ جو رستو به بند ٿي ويو آهي.
”ايس آر او 760 جي معطلي جو اقدم نه رڳو برآمدات کي مڪمل طور معطل ڪري ڇڏيو آهي، پر اڊوانس سون واپسيءَ جو دروازو به بند ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سان خريدار قانوني چارہ جوئي تي مجبور ٿي رهيا آهن. انهي سان گڏ خريدارن پنھنجيون سابقہ ادايون به روڪي ڇڏيون آهن، جنھن جي ڪري پاڪستاني برآمدڪار شديد مالي بحران ۾ آهن ۽ مقرره وقت تي برآمدي ترسيلات ملڪ ۾ نه آڻي سگهيا آهن.“
عزت ما۽ صحافيون! هي صورتحال نه رڳو پاڪستاني برآمدڪارن لاءِ، پر پاڪستان جي عالمي ساکه لاءِ به هڪ وڏو ڌچڪو آهي. اها مارڪيٽ جيڪا اسين 50 سالن جي محنت ۽ قربانين سان حاصل ڪئي هئي، هاڻي هندستان جي هٿن ۾ وڃي رهي آهي.
اسان هن مسئلي جي حل لاءِ سڀني متعلقه فورمن ۽ حڪومتي ادارن جا دروازا کٽکٽايا، پر يقين دهانيون ڪرڻ باوجود ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو.


