
ٺٽو(ڊر)
ٺٽي ۾ پوليس جي رٽ کي ڏوهارين کُلي عام چئلينج ڪري ڇڏيو اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ واڌ شهرين ۾ ڳڻتي ڇانيل تفصيل موجب شاهجهان جامع مسجد ٺٽو سامهون مين قومي شاهراھ ڀرسان قائم غلام بهراڻي جي لڪي ڪميونيڪيشن ۽ جنرل اسٽور کي گذريل رات چور کاٽ ھڻي 4 لک کان مٿي ڪيش روڪ ۽ لکين روپين جي ماليت جو قيمتي سامان چوري ڪري ويا جڏهن ته دڪان سامهون پوليس پاران لڳايل سي سي ٽي وي ڪئميرائن باوجود ٿيل واردات پوليس جي ڪارڪردگي لاء ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن گذريل رات پڻ شاهجهان جامع مسجد ڀرسان فقير جو ڳوٺ روڊ تي ڦورو انيل ڪمار ۽ وقار سولنگي کان سي ڊي موٽر سائيڪل موبائل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا


