معذوري جي نالي تي نظرانداز ٿيل ماڻهو معذورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان


” معذوري” لفظ کي اسان جي معاشري ۾ تمام غلط معني ڏني وئي آهي، نتيجي ۾ معذور ماڻهو متاثر ٿيل انسان واري زندگي گذارين ٿا. نه کين حق ملن ٿا، نه معاشري ۾ برابري ملي ٿي ۽ نه ئي کين ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو. سرڪاري سطح تي به اُهي ماڻهو وڏا نظرانداز ٿيل هجن ٿا، جنهن سبب لکين معذور ماڻهو مصيبتن ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ٿا. سڌريل ملڪن ۾ اهڙن ماڻهن جو رياستي سطح تي خصوصي خيال رکيو ويندو آهي، خصوصي پاليسز ٺهنديون آهن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ خصوصي قانون ٺاهيا ويا آهن. پر هتي پاڪستان ۾ صورتحال اُبتڙ نظر اچي ٿي. هتي به قانون منظور ٿيل آهن، بحاليءَ جا ادارا به قائم ٿيل آهن پر اُهي سمورا غير فعال هجن ٿا. هتي، معذور ٻارن جي تعليم، صحت ۽ نوڪرين جا تمام وڏا مسئلا موجود هجن ٿا، جن کي حل ڪرڻ لاءِ معاشرو ۽ حڪومت گهڻا سنجيده نظر نٿا اچن.

پاڪستان سميت سنڌ صوبي ۾ معذور ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، ڇو ته عام اسڪول اهڙن ٻارن کي داخلائون نٿا ڏين، ۽ خصوصي تعليم واري کاتي جا اسڪول گهڻا فعال نظر نٿا اچن. هڪڙا ته اهڙا ٻار هجن ٿا جيڪي وڌيڪ معذور هجن ٿا پر ڪجهه ٻار اهڙا هجن ٿا، جيڪي معمولي معذوري رکن ٿا يا کڻي چئجي ته ” سِلو لرنر” هجن ٿا، جن تي ٿورو وڌيڪ ڌيان ڏجي ته اهي نارمل ٻار وانگر تعليم پرائي سگهندا آهن، پر هتي جا اڪثر نجي اسڪول انهن ٻارن کي داخل ڪرڻ کان انڪاري بڻيل هجن ٿا، سنڌ حڪومت ان معاملي تي ايڪشن به ڪيو آهي پر اسڪولن وارا عدالت هليا ويا آهن ۽ وڏن نجي اسڪولن اهڙن ٻارن کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه هجي ٿي. هر سال 3 ڊسمبر تي خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو اهم مقصد انهن ماڻهن جي حقن جي تحفظ، انهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي هر سطح تي سماجي ۽ ترقياتي فائدن ۾ شامل ڪرڻ لاء سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي طرفان هن سال اعلانيل ڏينهن کي معذور ماڻهن ۾ قائدانه صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ مستقل برابري واري شموليت کي يقيني بنائڻ طور ملهايو پيو وڃي. ٻارن ۾ عام طرح چئن قسم جون معذوريون پيدا ٿين ٿيون، جن ۾ اکين کان نابين ٿيڻ، ڪنن کا ٻوڙو ٿيڻ، ذهني معذوري ۽ جسماني معذوري شامل آهن. جديد دنيا ۾ هنن سمورين معذورين جو شڪار ٿيل ماڻهن جون موجود صلاحيتون استعمال ڪرڻ، انهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ لاء حل موجود آهن. معذوري جي وصف مختلف حوالن سان ڪئي وڃي ٿي جيڪا مختلف ملڪن ۾ مختلف آهي پر مٿي بيان ڪيل معذوري جي قسمن ۽ معيار مطابق پاڪستان ۾ معذوري جو شڪار ماڻهن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 6 سيڪڙو آهي، يعني، جيڪڏهن انهن کي تازي آدمشماري جي انگن اکرن مطابق ڳڻجي ته اهو تعداد هڪ ڪروڙ 44 لک بيهي ٿو.
ترقي يافته ملڪن ۾ ان تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان جھڙن ملڪن ۾ ٻين شعبن وانگر هي شعبو به لاپرواهي ۽ بدانتظامي جو شڪار آهي ۽ معذور ماڻهن لاءِ ڪو خاص ڪم نه ٿي سگهيو آهي، نتيجي ۾ لکين معذور ماڻهو پني گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن، انهن کي تعليم، صحت ۽ نوڪرين ۾ به پنهنجا حق نٿا ڏنا وڃن. سنڌ جي ڳالهه ڪجي ته، اتي به معذور ماڻهن جي حوالي سان سٺي صورتحال نظر نٿي اچي. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 50 معذور ماڻهن جي بحاليءَ جا ادارا آهن پر انهن ۾ تعليم ۽ تربيت جو معيار بهتر نه هجڻ جي برابر آهي. معذور ٻارن کي پڙھائڻ يا تربيت ڏيڻ ايترو ڏکيو ڪم ڪونه آهي، ان لاء فقط لاڳاپيل معذوري لاء مخصوص تربيت يافته عملي جي ضرورت هجي ٿي. نابين ٻارن کي بريل سليٽ ) جيڪو ھاڻ ڊجيٽل انٽر ايڪٽو بورڊ ۾ بدلجي چڪوآهي( جي ضرورت پوي ٿي. پر اڪثر ادارن جا استاد خود بريل کان اڻ واقف هجن ٿا ۽ اهڙن ادارن ۾ ٻارن کي بريل ذريعي لکڻ ۽ پڙهڻ جي هنر سيکارڻ بجاء غير لاڳاپيل مواد زباني ياد ) حفظ( ڪرايو وڃي ٿو. ڪنن کان ٻوڙن ٻارن لاء سائن لينگيوئيج )نشانن واري ٻولي( ذريعي پڙهائڻ بجاء کين مختلف زبانن جي ڏسڻ واري مشق ڪرائي وڃي ٿي. ذهني معذوري، معذوري جي سمورن قسمن کان مختلف ۽ سنڀالڻ ۾ ڏکي سمجهي وڃي ٿي ۽ ان جو بنيادي سبب مختلف ماڻهن يا ٻارن ۾ پيدا ٿيندڙ معذوري جو مختلف هجڻ آهي. اهڙي صورتحال ۾ اھڙي ٻار کي تعليم يا تربيت ڏيندڙ استاد کي اھڙي ئي سطح جي گهربل معلومات ۽ تربيت جو حامل ھئڻ کپي جيڪو اسان جي مخصوص حالتن ۽ تعليمي نظام ۾ اڻ لڀ آهي. اپاهج ٻارن کي داخلا جو معاملو تمام حساس هجي ٿو، جنهن ۾ تمام گهڻي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. داخلائن جي مرحلن ۾ سڀ کان پهريان اهو جانچڻ ۽ طئه ڪرڻ ضروري آهي ته ٻار ڪهڙي معذوري جو شڪار آهي ۽ ان جي شدت ڪيتري آهي. مان پاڻ اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري رهي چڪو آهيان، مون جي آڏو کوڙ ساريون ڳالهيون اهڙيون به گذريون جن حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ ڪيترائي اهڙا ٻار سامهون آيا جيڪي ڪنهن معمولي معذوري يا سُست سمجهه جو شڪار هئا ۽ انهن کي ڪنهن عام تعليم واري اسڪول ۾ به داخل ڪرائي پڙهائي ٿو سگهجي پر کين عام نجي اسڪول داخلا ڏيڻ لاءِ تيار نه هجن ٿا ۽ مجبوري ۾ اهڙا ٻار معذور ٻارن وارن اسڪولن ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا جنهن جا انهن ٿورو ڪمزور ٻارن تي تمام خراب اثر پون ٿا ۽ اهي احساس محرومي جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته معذور ماڻهن کي به ﷲ تعالي اهڙين ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي جهڙي طرح هڪ عام نارمل ماڻهو کي، فرق فقط ان ڏس ۾ سوچ ۽ رجحان جو آهي، بلڪه جسماني ۽ ذهني طرح ڪيترين ئي صلاحتن جي لحاظ کان معذور ماڻهو بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا. هتي ان کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاء هڪ پڙهيل ماڻهو ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو جو مثال ڏيڻ مناسب لڳي ٿو. ڪو به شخص جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ کي نٿو سڃاڻي، ڪنهن به ڪم ڪرڻ جو هنر نٿو رکي يا ڪهن به تحرير کي نٿو پڙهي يا لکي سگهي ته اهو انهن لاڳاپيل معاملن ۾ معذور ليکيو ويندو. ساڳي طرح جيڪڏهن ڪو به ٻار اکين جي نور کان محروم آهي، گونگو يا ٻوڙو آهي پر هو خاص تربيت حاصل ڪري اهي سڀ ڪم چڱي نموني ڪري سگهي ٿو پوء ان کي معذور نه سمجهيو ويندو. ان تناظر ۾ ئي اھڙن ماڻن لاء نوان لفظ متعاف ڪرايا ويا آهن جيئن خاص (اسپيشل) ماڻهو يا ٻار يا غير روايتي طرح لائق ماڻهو. ذهني طرح متاثر ٻارن جو مسئلو ٿورو ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن نه هجي ٿو. مخصوص تربيت وسيلي سندن زندگي ۾ تبديلي سان گڏ مائٽن ۽ وارثن جي پريشاني ۾ ڪمي آڻي سگهي ٿي. اسان جي معاشري جو اهو وڏو الميو آهي ته ڪنهن به معمولي معذوري جو عذر بڻائي، نظر انداز ڪري ٻارن کي گهرن ۾ ويهاريو ٿو وڃي يا کين با وقار زندگي گذارڻ بجاءِ سموري زندگي خيرات وٺڻ جي رستي تي گامزن ڪيو وڃي ٿو.
معذورين سان لاڳاپيل شعبو شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ تعليم کاتي جو حصو هو جنهن کي سن 1911ع ۾ باقاعده خاص تعليم (اسپيشل ايجوڪيشن) کاتي جي حيثيت ۾ الڳ ڪيو ويو. عالمي سطح تي تيزي سان بدلجندڙ حالتن ۽ معذور ماڻهن جي حقن جي حاصلات ۾ تيزي جي رجحان جو اثر اسرندڙ ملڪن ۾ به ٿيو، جنهن ڪري پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ صوبي ۾ 2018ع ۾ کاتي جو نالو تبديل ڪري امپاورمينٽ آف پرسنس وٿ ڊس ايبلٽيز يعني معذور ماڻھن کي با اختيار يا طاقتور ڪرڻ وارو کاتو جو نالو ڏنو ويو. سنڌ اسيمبلي مان 2018 ع ۾ هن ڏس ۾ ايڪٽ جو پاس ٿيڻ هڪ اهم قدم چئي سگهجي ٿو پر جنهن سطح جي توجه ۽ سنجيديدگي جو مظاهرو ٿيڻ کپي ها ا اڃان تائين هن اهم شعبي کي حاصل نه ٿي سگهي آهي.
سنڌ صوبي جي وڏن شهرن ۾ معذور ٻارن / ماڻهن جي بحالي وارا سينٽر ۽ ووڪيشنل سينٽر موجود آهن. ڪراچي، دادو، لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد ۽ خيرپور جا سينٽر قابل ذڪر آهن. ڪراچي ۾ حڪومت پاران قائم ڪيل ادارن کان سواء پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به تمام سٺا ادارا قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ بين القوامي معيار جون سھولتون موجود آهن. وڏي وزير جي ذاتي ڪوشش سان ڪراچي ۾ قائم ڪيل آٽزم سينٽر به هن وقت اعلي معيار جون خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي، پر بنيادي سوال اهو آهي ته مجموعي طور معذور ٻارن جو ڪيترو تعداد اھڙن ادارن مان مستفيد ٿئي ٿو.
هتي سڀ کان اهم ۽ منجهائيندڙ معاملو نصاب جو آهي. بدقسمتي سان مٿي بيان ڪيل معذورين جي ڪنهن به ڪيٽيگري لاء حڪومتي سطح يا لاڳاپيل کاتي جي سطح تي ڪو به نصاب موجود ناھي ۽ نه ئي خاص ٻارن جي امتحان ۽ انهن جي پيپرن جي چڪاس جو ڪو ادارو يا طريقو موجود آهي. حڪومت طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ معذورن لاء مخصوص ڪوٽا 5 سيڪڙو مقرر ڪرڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي پر هن وقت تائين جيڪا صورتحال آهي ان ۾ معذور ماڻهن کي فقط هيٺئين سطح جون نوڪريون ملن ٿيون. ڪنهن خاص ڪيس ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿئين گريڊ جي نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب به وڃي ٿو ته اهو ڪنهن به طرح ڪمائتو ان ڪري نٿو ثابت ٿئي ڇاڪاڻ ته ان جي تعليم خاص نوعيت جي هجڻ بدران عام رائج تعليمي سرشتي واري آھي. هن ڪوٽا جو اصل فائدو لاڳاپيل معذوري جو شڪار ٿيل شخص ۽ معاشري کي تڏهن ٿيندو جڏهن هن جي تعليم ۽ تربيت ان انداز ۾ ڪبي. سرڪاري اسڪولن وانگر معذورن جي تعليمي ادارن ۽ مرڪزن ۾ سهولتن جي اڻاٺ به ساڳيو منظر پيش ڪري ٿي. نصابي ڪتاب ته آهن ئي اڻلڀ پر لکڻ ۽ پڙھڻ سيکارڻ لاء بريل سليٽ جهڙي بنيادي ۽ سستي شئي به موجود ناهي. سنڌ حڪومت طرفان اسپيشل ايجوڪيشن کاتي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کنيا ويا آهن، کاتي جي سموري عملي لاءِ حڪومت طرفان هر مھيني ٽن ايڪسٽرا بنيادي پگهارن جي منظوري ڏني ويئي جنهن جو بنيادي مقصد کاتي جي عملي ۽ ملازمن کي ھمٿائڻ هو ته جيئن اهي معذور ماڻھن جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن پر ان جو ڪو به خاطر خواھ نتيجو ڪون نڪتو ۽ نه ئي معذور ماڻهن کي ان جو ڪو براھ راست فائدو حاصل ٿيو.
هتي انهن ڳالهين جي ذڪر ڪرڻ جو مطلب تنقيد ڪرڻ ھرگز ناهي پر جيڪڏهن آبادي جي هيڏي وڏي انگ کي سماجي ۽ معاشرتي طور شامل ڪرڻو آهي ۽ سندن وارثن جي مصيبتن کي گهٽائي سندن زندگيون بهتر بڻائڻيون آهن ته سائنسي ۽ بهتر انتظامي اپاء ضرور وٺڻا پوندا.
shafiqmahesar@gmail.com
( نوٽ: ليکڪ اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري آهي)

اپنا تبصرہ بھیجیں