
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
شيعا تنظيمن جي اڳواڻن سڀاڻي ور شھر ۾ پابندي پيل تنظيم جي اڳواڻ مولانا اورنگزيب فاروقي جي رٿيل جلسي تي پابندي مڙھي فوري طور تي سندس جلسو ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي واضع ڪيو آھي ته ڄاڻايل مولوي اورنگزيب فاروقي جو تعلق پابندي مڙھيل تنظيم سان هجڻ ڪري سندس نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل آھي پر مقامي آرگنائيزرس پاران سڀاڻي سندس استقباليه جلسو ۽ خطاب منعقد ڪرائي مذھبي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اُن سلسلي ۾ شيعانِ حيدرِ قرار ٺٽي جي اڳواڻن سيد جاويد شاھہ، مولانا فدا حسين فردوسي، ڊاڪٽر عبدالحسين شاھہ، نعيم قريشي، آفتاب زوار ڀٽي، ممتاز علي شاھہ، ارشاد حسين کتري ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مذڪوره تڪراري مولوي اورنگزيب فاروقي جو گذريل 3 ڊسمبر تي ور شھر ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ جو پروگرام رٿيل هو پر سندن سخت ردعمل ظاهر ڪرڻ کانپوء مقامي آرگنائيزرن پاران پوليس وٽ لکت ۾ واضع ڪيو ويو ته هُو هاڻي جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو هنن چيو ته اهڙي لکت کانپوءِ به پابندي پيل تنظيم جي اڳواڻ کي ٻيهر سڀاڻي ور شھر ۾ جلسي لاءِ گهرايو پيو وڃي جيڪو تڪراري شخص آھي ۽ سندس خلاف ماضي ۾ ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيل آھن. هنن چيو ته ٺٽو ضلعو سمورين مذھبي جماعتن لاءِ هميشه هم آھنگي ۽ پرامن ڀائيچاري وارو ضلعو رهيو آھي پر چند ماڻھو مذھب جي نالي تي ضلعي اندر فساد پيدا ڪرڻ لاءِ تڪراري مولوين کي گهرائي امڪاني طور تي حالتن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، هنن ايس ايس پي ٺٽو ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان پُرزور مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي معاملي جي سنجيدگي کي ڏسندي سڀاڻي وارو تڪراري جلسو ملتوي ڪرائي مذڪوره جلسي جي انتظامي ڪميٽي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ تڪراري مولوي کي ضلعي ٺٽي ۾ اچڻ نه ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ حالتن جي ذميواري انتظاميه تي عائد ٿيندي.


