
جيڪب آباد: رپورٹ ایم ڈی عمرانی ۔
سنڌ بار ڪونسل جي اڳوڻي وائس چيئرمين سينئير وڪيل اظھر علي عباسي جي جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ڊسٽرڪٽ بار ۾ آمد وڪلاء سان ملاقات ڪندي چيو ته جيڪب آباد ۾ ڪجه ڏينهن اڳ ڪيس کڻڻ ڳالھ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ڊسٽرڪٽ بار انفارميشن سيڪريٽري وڪيل سيد اعجاز علي شاھ ۽ گھر ڀاتين مٿان مخالفين ڌر طرفان گھر اندر داخل ٿي چادر چار ديواري جو تقدس پامال ڪري فائرنگ ڪري وڪيل سيد اعجاز علي شاھ ڀاء سيد احسان علي شاھ ، زاھد علي شاھ ۽ گھر ڀاتي سخت زخمي ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ڪيس کڻڻ ڳالھ تي وڪيل مٿان قاتلاڻا حملا ڪرڻ کلي دهشتگردي آھي ۽ وڪالت تي وار برابر آھي جيڪو ناقابل برداشت عمل آھي سنڌ بار ڪونسل جي اڳوڻي وائس چيئرمين سينئير وڪيل اظھر علي عباسي وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي وڪيل سيد اعجاز علي شاھ سان پوري سنڌ جا وڪيل گڏ آھن وڪيل مٿان قاتلاڻا حملا آورن دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار
تائين پھچايو ويندو ھن چيف جسٽس آف پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف ، ڊي جي آئي ايس پي آر ، آئي جي سنڌ پوليس ڪراچي ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ، ايس ايس پي جيڪب آباد سميت تمام تحفظ فراھم ڪندڙ ادارن کان پر زور مطالبو ڪيو ته بنا دير وڪيل سيد اعجاز علي شاھ جي ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن دهشتگردن کي فلفور گرفتار ڪيو وڃي ۽ وڪيل سميت گھر ڀاتين کي مڪمل پوليس فورس طرفان سيڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر وڪلاء طرفان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
Load/Hide Comments


