عدالت جي حڪم باوجود شھيد نياڻي ساران سمون جو ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو، سندس وارث FIR داخل ڪرائڻ لاءِ اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) عدالت جي حڪم باوجود شھيد نياڻي ساران سمون جو ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو، سندس وارث FIR داخل ڪرائڻ لاءِ اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل، اسٽيل ٽائون پوليس پاران الٽو ڪار تي ڪيل فائرنگ ۾ 4 جنوري 2024 تي ٺٽي ضلعي جي ھڪ نياڻي ساران سمون شھيد ۽ غنوا سمون سخت زخمي ٿي ھئي، جنھن بعد شھيد ٿيل نياڻي جي وارثن پاران قاتل پوليس کي گرفتار ڪرڻ لاء ٺٽو ڪراچي روڊ تي ڌرڻو ھڻڻ سميت مختلف پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، پر SHO آغا رشيد پٺاڻ ۽ اھلڪارن تي FIR داخل ڪونہ ٿي سگھي آھي، شھيد نياڻي ساران سمون جي پٽ صدام سمون ۽ ڀاءَ يعقوب سمون پاران سندن وڪيل معرفت سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنھن بعد عدالت FIR داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر FIR داخل ٿي ناھي سگھي، جنھن بعد ٻيھر اسٽيل ٽائون پوليس خلاف ھاء ڪورٽ ۾ توھين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي، جنھن بعد عدالت 15 جنوري 2025 تي اسٽيل ٽائون پوليس کي حڪم ڪيو ته FIR داخل ڪري ان جي ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، پر شھيد نياڻي ساران سمون جو ڀاء يعقوب سمون ۽ پٽ صدام سمون 15 جنوري 2025 کان مسلسل اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي جا چڪر ڪاٽي رھيا آھن، پر اڃان تائين پوليس FIR داخل ڪري ناھي سگھي، جنھن ڪري شھيد نياڻي جا وارث سخت پريشان آھن، محمد يعقوب سمون چيو تہ عدالت جي حڪم باوجود پوليس رڳو ٽال مٽول کان ڪم وٺي اسانکي رلائي رھي آھي پر ڪيس داخل نٿي ڪري، ھن چيو تہ اسان ڪيٽي بندر کان ڪراچي 100 ڪلو ميٽرن جو سفر ڪري انصاف لاءِ اسٽيل ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي تہ پيا آھيون، پر پنھجي شھيد نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاء سندن حوصلا بلند آھن. ھن چيو تہ کين ھتان انصاف نہ مليو تہ ھو سپريم ڪورٽ تائين بہ ويندا، پوءِ بہ انصاف نہ مليو ته کين الله جي عدالت مان انصاف ضرور ملندو. ھن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن ڀيڻ جي قتل جو ڪيس اسٽيل ٿاڻي تي داخل ڪري سمورن قاتل پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏياري کين وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں