ميرپور ساڪرو لڳ پوليس پاران 2 ڏينهن اڳ رات جو مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي هڪ جوابدار غلام حسين سمون کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ سندس ٻن ساٿين جي فرار ٿيڻ واري پوليس جي ڊرامائي مقابلي جون حقيقتون منظرعام تي اچي ويون

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)ميرپور ساڪرو لڳ پوليس پاران 2 ڏينهن اڳ رات جو مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي هڪ جوابدار غلام حسين سمون کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ سندس ٻن ساٿين جي فرار ٿيڻ واري پوليس جي ڊرامائي مقابلي جون حقيقتون منظرعام تي اچي ويون پوليس مقابلي ۾ زخمي ڄاڻايل جوابدار ۽ سندس فرار ڄاڻايل ٻن ساٿين جي پوليس مقابلي کان هڪ ڏينهن اڳ پوليس حراست ۾ هجڻ جي وڊيو ميڊيا کي هٿ اچي وئي ذريعن موجب ٽن جوابدارن کي هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺاڻن پاران چوري ڪندي پڪڙي پوليس حوالي ڪرڻ جو انڪشاف، مقابلي کان اڳ گرفتاري بعد مقابلو ڏيکاري فرار ڄاڻايل غلام حسين ناريجو ميرپور ساڪرو ٿاڻي جي اسپيشل جي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار جو ويجهو مائٽ ھجڻ ڪري کيس فرار ڪرايو ويو پوليس جعلي مقابلي جا ثبوت ميڍيا کي هٿ اچڻ بعد پوليس انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي جي شھر ميرپور ساڪرو لڳ ساڪرو پوليس گذريل جمعي ۽ ڇنڇر واري رات مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ بعد چوري جي هڪ ڪيس ۾ گهربل جوابدار غلام حسين سمون کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ سندس ٻن ساٿين شريف ڪاتيار ۽ غلام رسول ناريجو کي فرار ڄاڻايو هو مذڪوره پوليس مقابلي جي ايف آءِ آر به ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت هيٺ پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جي قلمن تحت داخل ڪئي وئي آھي مذڪورهپوليس مقابلي ۾ زخمي ڄاڻايل غلام حسين سمون ۽ سندس ٻن فرار ڄاڻايل ساٿين شريف ڪاتيار ۽ غلام رسول ناريجو بابت انڪشاف ٿيو آھي ته مذڪوره ٽنهي جوابدارن کي مبينا جُڙتو پوليس مقابلي کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو ميرپور ساڪرو ويجهو يوسي سُکپور جي ڳوٺ عثمان سمون جي ڳوٺاڻن سندن ڳوٺ مان پاڻي جي مشين چوري ڪرڻ تي سندن پيڇو ڪري ٽنهي جوابدارن کي هڪ سوزوڪي ۽ اُن ۾ چوري ڪيل موٽر مشين سميت پڪڙيو هو ۽ سندن ٻيا 3 ساٿي فرار ٿي ويا هئا پڪڙيل ٽنهي چورن غلام حسين سمون شريف ڪاتيار ۽ غلام رسول ناريجو کي مارڪٽ بعد ڳوٺاڻن هڪ ڏينهن اڳ ميرپور ساڪرو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته گرفتار ٽنهي جوابدارن جي پڪڙجڻ بعد پوليس تحويل ۾ وڊيو به ميڊيا کي هٿ اچي وئي ٽنهي جوابدارن جي گرفتاري کان هڪ ڏينهن کانپوءِ ميرپور ساڪرو لڳ يوسي ڌُٻو جي علائقي ۾ پوليس جڙتو مقابلو ڏيکاري هڪ چور غلام حسين سمون کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ سندس ٻنهي ساٿين جي فرار ٿيڻ جو ڊرامائي سِين ظاهر ڪندي اهڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو اُن سلسلي ۾ اهو پڻ انڪشاف ٿيو آھي ته مذڪوره ڪيس ۾ ڳوٺاڻن پاران چوري دوران پڪڙي پوليس حوالي ڪيل هڪ مُک چور غلام رسول ناريجو ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي اسپيشل جي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار زاهد ناريجو جو ويجهو عزيز ٻڌايو وڃي ٿو جنھن جي مداخلت ۽ ڏيتي ليتي بعد مذڪوره جوابدار سميت غلام رسول ناريجو ۽ سندس ساٿي شريف ڪاتيار کي آزاد ڪري فرار ڄاڻايو ويو ۽ ڳوٺاڻن کي مطمئن ڪرڻ لاء پوليس مقابلي جو ڊرامو رچائي هڪ جوابدار غلام حسين سمون کي ڄنگھ ۾ گولي هڻي پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي سڄاڻ ڌرين پوليس جي جعلي مقابلي ۽ ٻن ٻين چورن کي ڳوٺاڻن پاران پڪڙي پوليس حوالي ڪرڻ باوجود کين فرار ڄاڻائڻ واري معاملي جي جاچ ڪري ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي

اپنا تبصرہ بھیجیں