جنگشاهي ويجھو ڪوهستاني علائقي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ فوت لاش سول اسپتال ٺٽو منتقل،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) جنگشاهي ويجھو ڪوهستاني علائقي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ فوت لاش سول اسپتال ٺٽو منتقل، تفصيل موجب جنگشاهي ويجھو مارو جبل لڳ ڪوهستاني ڳوٺ نور احمد خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھريلو اڻبڻت تان جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو رياض خاصخيلي پٽ عالي خاصخيلي موقعي تي فوت تي ويو جڏهن ته جنگشاهي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ علي شير فرار ٿي ويو .

اپنا تبصرہ بھیجیں