اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ھدايتن تحت اڪائونٽس آفيسر طيب علي غوري پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٺٽو ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي): اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ھدايتن تحت اڪائونٽس آفيسر طيب علي غوري پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٺٽو ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي اڪائونٽس آفيسر طيب علي غوري چيو ته اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي خاص هدايتن جي روشني ۾ سنڌ جي سمورن ضلعي اڪائونٽس آفيسرن جي آفيسن ۾ کليل ڪچھريون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن حاضر سروس، بزرگ پينشنرن ۽ فوتي ملازمن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهجن، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن پاران مختلف شڪايتون ۽ مسئلا پيش ڪيا ويا جنهن تي اڪائونٽس آفيسر طيب علي غوري لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ريٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ته جيئن کين ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر ذوالفقار علي انصاري چيو ته اسان جي آفيس جا دروازا عوام لاءِ هر وقت کليل آهن ته جيئن سندن بنيادي مسئلا فوري طور حل ٿي سگهن. کلي ڪچھري ۾ اي جي سنڌ جي اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر عزيز الرحمٰن ، سينيئر آڊيٽر ارشد، اڪائونٽنٽ افضال حسين چانڊيو، اعجاز علي راهپوٽو، سميع الله شيخ، سب اڪائونٽنٽ سليم گاڏھي، منصور علي شاهه، گل محمد مري، آصف خان، سرور سولنگي ۽ ٻين آفيسرن کان علاوه حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں