سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيني شهرين/ ماهرن جي سڪيورٽي ۽ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (ايس پي يو) ۾ ضروري سڌارن جي حوالي سان مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو اجلاس ۾ آءِ جي آپريشنز، ڊي آءِ جي ٽي اينڊ ٽي، اسٽيبلشمينٽ، آءِ ٽي، ايس پي يو ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي

ڊي آءِ جي ايس پي يو اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي سنڌ ۾ جاري CPEC ۽ نان CPEC منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين/ماهرن جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ان حوالي سان سنڌ پوليس انتهائي سنجيده حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ تازو پاس آئوٽ ٿيل چيڪ ۽ چوبند اسڪواڊ کي 1100 اهلڪارن تي مشتمل ايس پي يو جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته نئين پوليس اهلڪارن جي مقرري تي به سيڪيورٽي پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي.

آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته ايس پي يو ۾ صرف بهترين ۽ ايماندار آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ اهلڪارن کي ذهني ۽ جسماني طور تي فعال ۽ تازگي رکڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي ڪلاڪ ۽ سهولتن جي فراهمي کي به نظر ۾ رکيو وڃي.

هن هدايت ڪئي ته ايس پي يو تحت ڊيوٽي تي موجود آفيسرن جي ذهني نشونما ۽ خبرداري لاءِ هڪ خاص نصاب جوڙيو وڃي.جڏهن ته سنڌ ۾ جاري مختلف منصوبن سان لاڳاپيل چيني شهرين/ ماهرن کي به پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجي ميزبانن کي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪن.

اپنا تبصرہ بھیجیں