
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) 2 ڏينھن اڳ ٺٽي شھر جي شيخ فريد چوڪ ۾ گندرا ۽ شيخ برادري جي وچ ٿيل جھيڙي ۾ گندرا برادري جي چئن ڄڻن محمد جمن عرف جمعون گندرو، فياض ولد جمعون گندرو، الھڏنو ولد علي گندرو ۽ سائينڏنو عرف نانا گندرو جي زخمي ٿيڻ توڙي شيخ برادري جي دڪان تان ٿيل ڦرلٽ جون 2 الڳ الڳ FIRS ٺٽي ٿاڻي تي گندرا برادري طرفان فريادي محمد حسن ولد مور گندرو ۽ شيخ برادري طرفان فريادي اشفاق احمد ولد اقبال احمد شيخ جي مدعيت ھيٺ ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن، جنھن تحت گندرا برادري جي فريادي محمد حسن گندرو ٺٽي ٿاڻي تي گناھ نمبر 15/2025 تحت ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي تہ ھو مڇي جو ڌنڌو ڪندو اھي، 3 راتيون اڳ ٺٽي شھر جي درگاھ بابو شاھ بودلو جو ساليانو ميلو ھو، جنھن ۾ سندس ڀائيٽو فياض علي ولد محمد جمن عرف جمعون گندرو سان شھمير ولد اقبال شيخ بورچي جي ٻارڙن سان ڪنھن ڳالھ جي منھن ماري ٿي ۽ 2 ڏينھن اڳ 20 جنوري 2025 تي ھو ٺٽي شھر جي شيخ فريد چوڪ ۾ ڪم سانگي ويو تہ اتي سندس رشتيدار فياض علي ولد محمد جمن عرف جمعون گندرو، محمد جمن عرف جمعون گندرو، الھڏنو گندرو، غلام حسين گندرو جن آيا، جتي کيس فياض علي گندرو ٻڌايو تہ کيس شھمير شيخ وارن ساڻن منھن ماري ڪئي آھي، ايتري ۾ جوابدار شھمير ولد اقبال شيخ، ساجد علي ولد سليم شيخ، فرقان ولد اڪرم شيخ، حيدر ولد اڪرم شيخ، محمد سليم ولد گل محمد عرف گلو شيخ وارا موٽر سائيڪلن تي چڙھي ايندي ئي گارگند ڪري فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۽ لوھي سريا لڳڻ جي نتيجي ۾ محمد جمن عرف جمعون گندرو، الھڏنو گندرو، غلام حسين گندرو ۽ سائينڏنو عرف نانا گندرو زخمي ٿي پيا، جنھن بعد حملي آور جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا، جنھن بعد اسان زخمين کي سول اسپتال مڪلي پھچائي بعد ۾ وڌيڪ زخمين کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو، جن جو علاج جاري آھي، ھن گھر ڪئي تہ سمورن حملي آورن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ٺٽي شھر جي شيخ برادري طرفان پڻ سندن دڪان ۾ ٿيل ٽوڙ ڦوڙ توڙي دڪان مان کنيل سامان سميت ڪيش رقم جي چوري جي رپورٽ فريادي اشفاق احمد ولد اقبال احمد شيخ پاران ٺٽي ٿاڻي تي گناھ نمبر 14/2025 تحت ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي تہ آئون سيشن ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آھيان، 20 جنوري تي ھو ڪورٽ سڳوري ۾ ھو، جتي کيس گھران فون وسيلي اطلاع ڪيو ويو تہ علي حيدر شيخ جي دڪان تي حملو ٿيو اھي، آء گھر پھتس جتي دڪاندار علي حيدر شيخ ٻڌايو تہ ھو پنھنجي دڪان تي پنھنجي ملازمن ممتاز ۽ شريف سان گڏ موجود ھو تہ ايتري ۾ جوابدار سرور، وقار، الھڏنو، فراز، عباس، شيبر، سليم، حسنين، حسين گندرو ۽ 4/5 نامعلوم ماڻھون جن کي ڏسي سڃانڻنداسين جيڪي لٺين ۽ ھٿيارن سان ليس ٿي دڪان تي آيا ۽ اسانکي گارگند ڪندي چيو تہ تنھنجي مائٽن اسانجي مائٽن فياض سان جھيڙو ڪيو آھي، اسان توھانکي ڪونہ ڇڏينداسين، جن دڪان ۾ داخل ٿي مونکي مارڪٽ ڪري منھنجي والد جو لائسنس وارو پسٽل، منھنجي موبائل فون، پرس ۽ ڪيش رقم اٽڪل 4 کان 5 لک روپيہ دڪان مان کڻي دڪان ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي تہ فرقان، حبيب ۽ سائينڏنو عرف نانا گندرو وارا پھچي ويا تہ جوابدارن کين بہ ڌڪ ھنيا ۽ جوابدارن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ دوران سائينڏنو عرف نانا گندرو ۽ جوابدار ڌر جا ماڻھون زخمي ٿي پيا، اسان رڳو پنھنجي جان ڀچائي آھي، ھن پڻ داخل ڪرايل ڪيس ۾ انصاف جو مطالبو ڪيو آھي، ھاڻي ڏسڻو اھو آھي تہ ھڪ طرف گندرا برادري جا 4 ماڻھون زخمي ٿيا آھن، جيڪي علاج ھيٺ آھن تہ ٻئي طرف شيخ برادري جي دڪان مان لکين روپين جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ لکين روپين جو سامان کڻڻ سان گڏ دڪان کي پڻ نقصان پھچايو ويو. ڏٺو وڃي ته ٻنھي ڌرين جي خواھش مطابق ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن، ھاڻي ٻنھي ڌرين جا حملي آور جوابدارن گرفتار بہ ٿين ٿا يا نہ، بھتر تہ ايئن ٿيندو تہ ڪا ٽي ڌر ٽياڪڙي ڪري ٻنھي ڌرين ۾ ٿيل تڪرار کي نبيرڻ لاء ڪوششون وٺي ٻنھي ڌرين کي وڌيڪ نقصان ۽ پريشانين کان بچائي صلح ڪرائين، جنھن لاء سڀني ڌرين کي اڳتي وک وڌائڻ گھرجي.


