
ٺٽو(رپورٽ:علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي جي تاريخي ماڳ مڪلي تي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي اڱڻ تي انمول ڪتاب گهر پاران لڳايل 2 روزا ڪتابي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو وڏي انگ ۾ سماجي علمي ادبي ڌرين توڙي استادن شاگردن شرڪت ڪري ڪتابن جي خريداري ڪئي. جڏھن ته ناليواري شاعره گل بيبي شاھ ڪامياب ڪتابي ميلو لڳائڻ تي نيشنل پريس ڪلب پهچي صدر محبوب بروهي ۽ جنرل سيڪريٽري رمضان ميمڻ کي اجرڪون اوڍائي مبارڪون ڏنيون. هوڏانهن ڪتابي ميلي جي آخري ڏينهن تي ناليواري مصور ربنواز جوکيو پير سالم شاھ عرض محمد چانڊيو گلزار ميمڻ عثمان ميمڻ نور سرائي حميد مهراڻوي حامد مغل ارباب سجاد سمون اقبال خواجه سميت وڏي انگ ۾ علم و ادب سان چاھ رکندڙ شخصيتن ۽ شھرين پهچي ڪتابي ميلي مان ڪتابن جي خريداري ڪئي. اُن موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سوشل ميڍيا ۽ موبائيلن جي اچڻ کانپوء اسان جو نوجوان نسل ڪتابن کان هٽي ويو آھي ان ماحول ۾ اهڙا ڪتابي ميلا لڳائڻ يقينن نوجوانن کي سجاڳي ۽ شعور طرف راغب ڪرڻ آھي. هنن چيو ته نيشنل پريس ڪلب ٺٽو هڪ طرف مظلوم ماڻھن جي سگهاري آواز طور ٿوري ئي عرصي ۾ وڏو نالو ڪمايو آھي ٻئي طرف اهڙيون سماجي سرگرميون ڪري علم و ادب کي جيئارڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آھي اُھا ساراھ جوڳي آھي.


