
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سامونڊي تڙن تي ماهيگيرن جي رستا روڪ ۽ کين مڇي مارڻ واري حق کان محروم رکڻ خلاف ساحل ڪناري ونڊ مل ڪمپني آڏو مقامي ملاحن جو اڄ ٽي ڏينهن به ونڊ مل ڪمپني جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو جاري سوين ماهيگير جي چونڊيل يوسيز نمائندن سان گڏ ڌرڻي تي ويٺل ميرپور ساڪرو تعلقي جي ٽن يوسيز ڀنڀور ڪڪڙانڊ ۽ کڳاڻ جي متاثر ملاحن احتجاجي ڌرڻو جاري رکندي تمبو لڳائي ٽئين ڏينهن به رات توڙي ڏينهن سيءَ ۾ سندن مطالبن جي مڃتا لاء ڌرڻو برقرار ڪنهن به انتظامي عملدار ساڻن ڳالهين لاء رابطي جي زحمت نه ڪئي متاثر ملاحن محمد اسحاق ملاح زبير ملاح عباس بلوچ محمد حسن ملاح احمد ڪڇي علائقي جي يوسيز جي چونڊيل نمائيندن ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سچل خاصخيلي چيئرمين خان محمد بلوچ چيئرمين حبيب الله بلوچ وائيس چيئرمين رحيم خان شورو يار محمد لاشاري غازر جوکيو عباس ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽي ڏينهن به ونڊ مل ڪمپني آڏو احتجاج جاري احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته مقامي ملاحن جا سامونڊي تڙن ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري کين مڇي مارڻ جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آھي روزگار ڏيڻ ته پري جي ڳالھ پر ونڊ مل ڪمپني انتظاميه علائقي کي نوگو ايريا بڻائي مقامي ملاحن کان سندن گذر جو واحد وسيلو مڇي مارڻ جو حق به کسي ورتو آھي نوٽيس وٺي بند ڪيل رستا بحال ڪرائي روزگار جي رستا روڪ بند ڪئي وڃي


