شوڪت صديقي ڪيس: فيض حميد جواب جمع ڪرائي ڇڏيو


اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد شوڪت عزيز ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل پاران عدليه تي اثرانداز ٿيڻ جا الزام رد ڪيا ويا آهن

جواب ۾ فيض حميد چيو آهي ته شوڪت عزيز صديقي پنهنجي تقرير ۾ يا جڊيشل ڪائونسل آڏو ڪنهن به مبينا ملاقات جو ذڪر نه ڪيو آهي

فيض حميد چيو ته شوڪت عزيز صديقي سان ڪڏهن به رابطو نه ڪيو، ساڻس نه مليو آهيان ۽ نه ئي نواز شريف جي اپيلن تي ڪا ڳالهه ٿي،ائين ڪڏهن ناهي چيو ته اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي

فيض حميد جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته شوڪت عزيز پاران لڳايل سمورا الزام ڪورا ۽ هٿ ٺوڪيا آهن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس انور ڪانسي ۽ رٽائرڊ برگيڊيئر عرفان رامي به سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

شوڪت صديقي پاران لڳايل الزامن ۽ ساڻس ملاقات جي ترديد ڪئي وئي آهي

TAGSbreaking_news

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں