
سنڌ جي صحت واري وزير جو فيملي پلاننگ ڪانفرنس ۾ ڳورهاري عورتن لاءِ دل جي مرضن بابت قومي اداري ڪراچي ۾ ڪارڊيڪ يونٽ جي قيام جو اعلان
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٽين عالمي فيملي پلاننگ سمٽ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي دل جي مرضن بابت قومي اداري ڪراچي ۾ ڳورهاري عورتن لاءِ ڪارڊيڪ يونٽ جي قيام جو اعلان ڪيو، جنهن جو مقصد مائرن جي موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن ايويڊنس بيسڊ هيلٿ پاليسي، ضلعي اسپتالن ۾ ماءُ جي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ سي سيڪشن جي شرح ۾ گهٽتائي بابت به ڳالهايو. ڊاڪٽر پيچوهو صوبي ۾ ماءُ جي صحت ۽ توليدي صحت جي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو.
اها ڪانفرنس جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينيٽر جي گائناڪالوجي ڊپارٽمينٽ (وارڊ 9B) ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) جي ڀائيواري سان منعقد ڪئي وئي، جنهن جي قيادت ڊاڪٽر نگهت شاهه ڪئي، جيڪا وارڊ 9B جي هيڊ ۽ سنڌ جي فيملي پلاننگ جي فوڪل پرسن آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد نوجوان نسل کي خانداني منصوبابندي جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ هو ۽ پائيدار توليدي صحت کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو، جنهن ۾ سماجي ۽ جنسي اصولن ۾ تبديلي، مردن ۽ نوجوانن کي خانداني منصوبابندي ۾ شامل ڪرڻ، ڊجيٽل سروسز ذريعي خدمتن جي فراهمي ۾ واڌ، عورتن کي اعتماد جوڳي حمل روڪڻ جي طريقن کان آگاهه ڪرڻ ۽ پاليسي ٺاهڻ جي ذريعي توليدي صحت جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ تي ڳالهه ڪئي وئي.
ڊاڪٽر نگهت شاهه پاڪستان ۾ ماءُ جي موتن جي بحران ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جتي ماءُ جي موت جي شرح 100000 مان 186 آهي ۽ چيو ته ان بحران جو حل فوري طور تي ضروري آهي. هن چيو ته ان لاءِ اسان کي جامع جنسي ۽ توليدي صحت جي تعليم جي ضرورت آهي ۽ صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن سڀني عورتن کي بهتر صحت جون سهولتون ملن. ڊاڪٽر شاهه موجب، فيملي پلاننگ ذريعي عورتن کي پنهنجي حمل بابت فيصلا ڪرڻ ۾ آزادي ملندي، جيڪو ماءُ جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو، اها ڳالهه پائيدار ترقي جي هدفن 3 (ماءُ جي صحت جي بهتري) ۽ 3.7 (توليدي صحت جي عالمي سطح تي سهولت) جي هدفن سان هم آهنگ آهي ۽ گڏوگڏ (برابري ۽ عورتن جي خود مختياري) کي هٿي ڏئي ٿي.
پروفيسر امجد سراج ميمڻ، وائس چانسلر جي ايس ايم يو مردن لاءِ حمل روڪڻ جي طريقن ۽ نان اسڪيلپيل واسيڪٽومي جي فائند تي ڳالهايو ۽ ان حوالي سان غلط فهمين کي ختم ڪيو. ان کانسواءِ جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول گائناڪالوجي وارڊز جو انگ وڌائڻ ۽ اسپتال ۾ واسيڪٽومي جي سرجري فراهم ڪرڻ جي منصوبن جو ذڪر ڪيو.
ان ڪانفرنس خانداني منصوبابندي، ماءُ جي صحت ۽ نوجوانن جي ڪردار کي مستحڪم ڪرڻ تي اهم گفتگو جو موقعو فراهم ڪيو ته جيئن پاڪستان ۾ توليدي صحت جي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهجي.


