گذريل رات دير سان مڪلي ٿاڻي لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان رضوان سمون جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

ٺٽو :  گذريل رات دير سان مڪلي ٿاڻي لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان رضوان سمون جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، لاش ٺٽي لڳ سمان ڳوٺ ۾ پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن پاران مقتول کي سيني ۾ دل واري پاسي کان 2 گوليون لڳڻ ڪري سندس موت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي ايم ايل او ڊاڪٽر مزمل ميمڻ چيو ته گوليون ويجهي کان لڳڻ ڪري سندس دل وارو حصو ۽ ڦڦڙ پڻ متاثر ٿيا ۽ وڌيڪ رت وهڻ ڪري نوجوان جو موت ٿيو واقعي بعد ٺٽي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار پوليس جا ڇاپا ڪجھ شڪي ماڻھن جي گرفتاري جا اطلاع سمان برادري جي نوجوان مال جي واپاري رضوان سمون پنهنجي دوست عبدالله ميمڻ سان گڏ چوپايو مال ڪراچي ۾ کپائي سوزوڪي ۾ ٺٽي اچي رهيو هو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن رات دير سان سندن سوزوڪي مڪلي ٿاڻي ڀرسان بخاري چاڙھي وٽ کين روڪي مٿس فائرنگ ڪري ڏني جيڪو سول اسپتال ٺٽو پهچندي فوت ٿي ويو ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان چيو ته سمان برادري جي نوجوان رضوان سمون جي موت جو ڪارڻ گذريل 20 سالن کان ٺٽي جي سمان ۽ ڪرناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙي جو تسلسل آھي، جوابدارن جي گرفتارين لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن خصوصي ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آھن، جڏهن ته 20 سال اڳ شروع ٿيل تڪرار ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳوڻو چيئرمين شفيع ڪرناڻي ۽ سمان برادري جو دلمراد سمون اڳ ۾ قتل ٿي چڪا آهن، هن واقعي بعد مذڪوره تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڪر کنيو ۽ تڪرار ۾ ھن وقت تائين 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن، رضوان سمون جي قتل واقعي بعد ٺٽي ۾ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ڌريون مورچابند رات دير کان صبح فجر مهل تائين سمان برادري جي سوين ماڻھن جي واقعي خلاف مڪلي باء پاس تي ڌرڻو جاري رهيو، جتي ايس ايس پي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، وارثن موجب واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي، ھنن چيو ته مقتول جي جنازي نماز بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو، نوجوان مال جي واپاري رضوان سمون جي جنازي نماز ٺٽي لڳ ڳوٺ خميسو سمون ۾ ادا ڪئي ويئي، جنازي نماز ۾ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي سميت سمان برادري جي سوين ماڻھن سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي، بئي طرف مقتول جي سئوٽ نواز سمون جو چوڻ ھو ته مقتول رضوان سمون کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي، پوليس اسانجي نشاندهي توڙي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي جوابدارن تائين پهچي چڪي آھي، پر فلحال نالا ظاهر نٿا ڪري سگهجن. ھن انصاف جو مطالبو ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں