
موهن جو دڙو(رپورٽر)سنڌ هاء ڪور ٽ ۾ ڊاریڪٽر اینٽی ڪوئٽیز ۽ آرڪیالاجي عبدالفتاح شیخ جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران درخواست گزار جو وڪیل عدالت ۾ پنهنجي موقف جي حق ۾ ثبوت پیش ڪرڻ بجاء هڪ دفعو ٻيهر ڪاروائي کان غائب رهيو.چيو وڃي ٿو ته ثقافت کاتي سنڌ ۾ گریڊ 5 ۾ ڀرتی ٿي 19 گریڊ تائين پهچڻ ورو عملدار اعجاز شیخ ۽ زاهد آخوند جي طرف کان نوادرات ۽ آرڪيلاجي جي ڊاريڪٽر عبدالفتح شیخ جي خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ پٽیشن داخل ڪئي وئي آهي.هوڏنهن نوادرات ۽ آرڪيالاجي کاتي ۾ ڊاريڪٽر طور ڀرتي ٿيل عبدالفتاح شیخ اڪيلو پبلڪ سروس ڪمیشن پاس آفیسر آهي.عبدالفتاح شیخ فیڊرل پبلڪ سروس ڪمیشن پاس ڪري آرڪیالاجي کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو عملدار 18 هين ترمیم بعد هن جي خدمت سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي.ڊاريڪٽر آرڪيالاجي کي تازو آمریڪا جي اسٽیٽ ڊپارٽمينٽ طرفان آمریڪا اچڻ جي دعوت ڏني وئي.جيئن هو تاریخي ورثي جي تحفظ لاء پاڪستان ۽ آمریڪا جي وچ ۾ تجربن بابت ڏي وٺ ڪري سگهي. 2018ع ۾ ۾ عبدالفتاح شیخ کي اسٽیٽ آف ڪنزرویشن رپورٽ جي روشني ۾ یونیسڪو مڪلی کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو، ڊاريڪٽ دوران هن موهن جو دڙو ۽ مڪلي قبرستان جي لاء ڊزاسٽر رسڪ ریڊڪشن پلان پیش ڪري پاڪستان جي تاریخ ۾ ڀيرو عالمي ثقافتي ورثن جي تحفظ لاء اهم بنياد وڌو.عبدالفتاح شیخ گذريل سال جولاء مهيني ۾ ورلڊ هیريٽیج ڪمیٽي (یونیسڪو) جي طرف کان نئین دهلي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس موهن جو دڙو جو ڪيس رکيو.۽ يونيسڪو اختيارين کي مطمعن ڪيو.واضع رهي تہ اعجاز شیخ ۽ زاهد آخوند جي درخواست تي عدالت 14 جنوری 2025 جو ٻڌڻي ڪئي هئي.جنهن ۾ درخواست گذار جو وڪيل غائب رهيو.عدالت 16 جنوري تاريخ مقرر ڪئي پر ان ٻڌڻي ۾ بہ وڪيل پيش نہ ٿيو هاڻي عدالت دليل جمع ڪرڻ لاء اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي 23 جنوري مقرر ڪئي آهي.


