ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو آهي ته مستقبل جي معمارن کي پوليو سميت مختلف بيمارين کان بچائڻ سماج جي هر فرد جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيبروري 2025 ۾ شروع ٿيندڙ مهم ۽ گذريل ڊسمبر 2024 جي مهم جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي): ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو آهي ته مستقبل جي معمارن کي پوليو سميت مختلف بيمارين کان بچائڻ سماج جي هر فرد جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيبروري 2025 ۾ شروع ٿيندڙ مهم ۽ گذريل ڊسمبر 2024 جي مهم جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي زيرو ڊوز ڪوريج ۾ اهم واڌ واري عمل کي ساراهيو ويو جيڪا 91 سيڪڙو تائين پهچي وئي جڏهن ته شرڪت ڪندڙن وڌيڪ خطري وارن علائقن ۾ پوليو جي نشاندگي ۽ منتقلي کي روڪڻ تي بحث ڪيو . ڊپٽي ڪمشنر گذريل پوليو مهم دوران سٺي ڪارڪردگي تي پوليو ٽيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پوليو ٽيمن جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي نتيجو آهي . هن پوليو ٽيمن کي شاباس ڏيندي اميد ڏيکاري ته مستقبل ۾ به ساڳيو تسلسل برقرار رکيو ويندو ته جيئن اڃان به بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته 5 سالن کان مٿي عمر وارن ٻارن جا انگ اکر ۽ ڊيٽا شيئر ڪرڻ ۽ سمورين اين جي اوز کي گاڏيون فراھم ڪرڻ سميت يوسي چيئرمينن کي پڻ پوليو ٽيمن سان سھڪار جو پابند بنايو وڃي. هن چيو ته پاڙيسري ضلعن جي سرحد وارين يونين ڪائونسلن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ٻارن کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ٽڪن جي اهميت ۽ افاديت بابت عوامي شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي جڏهن ته بروقت ۽ مناسب ويڪسينيشن تمام ضروري آهي. هن صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي سڀني صحت مرڪزن ۾ ڊليوري دوران پيدا ٿيندڙ ٻارن جو مڪمل ڊيٽا ضرور رکن تہ جيئن ويڪسينيشن کي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان چيو ته پوليو مهم هڪ قومي فرض آهي ۽ پوليو ٽيمن جو هر ميمبر قومي هيرو آهي کين مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن ايندڙ مھم لاءِ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ اين-اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر عامر حسين ۽ حفاظتي ٽُڪن واري پروگرام جي فوڪل پرسن تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز علي هاليپوٽو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاهه، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ايميونائزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ، ضلعي مئنيجر يونيسيف سجاد حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کان علاوہ مرف، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں