شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڳڙھي خدا بخش کان نڪتل پيادل مارچ

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڳڙھي خدا بخش کان نڪتل پيادل مارچ ٺٽي پھچي ويو، احتجاجي مظاھرو حافظ مشتاق، عبدالھادي، عبدالحفيظ ٻگھيو، راجو قريشي، سجاد سمون، حنيف چنڊ، ستار قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو تہ سمورن کاتن جي ملازمن کي ٽريزري جي ذريعي پگھارون جاري ڪيون وڃن ٿيون، پر مڪاني کاتي جي ملازمن کي ٽريزري ذريعي پگھارون جاري نٿيون ڪيون وڃن، ان کانسواء رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي وقت سر ادائگيون بہ نٿيون ڪيون وڃن، ھنن چيو تہ اڃان تائين ڪيترن ئي ٽائون ڪميٽين جي ملازمن کي پگھارون بہ جاري نہ ٿي سگھيون آھن، جيڪو ملازمن سان سراسر ظلم آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن لوڪل گورنمنٽ جي ملازمن جا سمورا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ 26 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں