
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ميرپور ساڪرو لڳ ڳوٺ ميھڙو ميربحر جي رھواسي نظير، ملوڪ، غلام حسين، انور، عزيز ۽ غلام مصطفيٰ ميربحر ٺٽي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ ڪالھ ميرپور ساڪرو لڳ درگاهه حضرت شيخ ٽالو جي ميلي تان موٽندڙ سندن ٽن ماڻھن نصير، مجيد ۽ علام رسول ميربحر تي ٻاھوٽ برادري جي ماڻهن عالمشير، شاھنواز، اڪبر، نور احمد، طاھر، وسيم، واحد بخش، منور ٻاھوٽ ۽ بين پاران حملو ڪري ڪهاڙيون ۽ لـٺيون ھڻي کين سخت زخمي ڪري وڌو اھي، جنکي شيخ زيد اسپتال ساڪرو پهچايو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ ڪري ٻن ڄڻن مجيد ۽ نصير ميربحر کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪرڻ سميت غلام رسول ميربحر کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو اھي، ڪراچي اسپتال ويل ٻن ڄڻن مجيد ۽ نصير ميربحر جي حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي، ھنن چيو تہ ٻاھوٽ برادري جي ماڻھن مٿن ھن کان اڳ بہ ڪيترائي ڀيرا حملا ڪري کين نقصان پھچائڻ سميت ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي پريشان ڪرڻ سميت عدالتن ۾ بہ سندن خلاف پٽيشنون داخل ڪرايون پيو وڃن، جن مان ھڪ ٺٽي جي عدالت پٽيشن رد ڪري ڇڏي آھي، پر پوليس بااثر حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ يا انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، جن مان کين وڌيڪ نقصان جو انديشو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ سندن زخمي ماڻھن جو بھتر علاج ڪرائي سندن حياتي بچائڻ سان گڏ حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،


