ٺٽي شھر ۾ چوري جو آزار گھٽجڻ بجاء وڌي ويو، وڌيڪ ھڪ دڪاندار ڦرجي ويو، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، شھري پاڻ کي غير محفوط سمجھڻ لڳا، پوليس رڳو منشيات فروشن جي تاڙ ۾ لڳل،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي شھر ۾ چوري جو آزار گھٽجڻ بجاء وڌي ويو، وڌيڪ ھڪ دڪاندار ڦرجي ويو، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، شھري پاڻ کي غير محفوط سمجھڻ لڳا، پوليس رڳو منشيات فروشن جي تاڙ ۾ لڳل، ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان قاصر بڻيل، شھرين پاران سندن ملڪيتن جي حفاظت ڪري ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري عوام جي ملڪيتن جو تحفظ ڪري کين پھچندڙ نقصان کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، تفصيل موجب ٺٽي شھر جي شاڪراڻي محلي وارڊ نمبر 04 ۾ وڪيل محمد شاھ جي گھر ڀرسان قائم زاھد ڀٽو جي ڪٻاڙي جي دڪان جا گذريل رات دير سان نامعلوم چورن شٽر جا تالا توڙي دڪان ۾ رکيل قيمتي موٽر وائرنگ، 3 پنکا، بجلي جو ميٽر، MP3 نئون سيٽ ۽ ٻيو 80 کان 90 ھزار روپين جو سامان چوري ڪري کڻي ويا، جنھن ڪري ڪٻاڙي واري دڪاندار زاھد ڀٽو کي پھتل نقصان سبب مٿي تي ھٿ اچي ويا اھن، جنھن ٻڌايو تہ گذريل رات دير سان ڪن نامعلوم چورن پاران سندس دڪان جي شٽر جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ رکيل قيمتي موٽر وائرنگ، پنکا، بجلي جو ميٽر ۽ ٻيو قيمتي سامان جنھن جي ماليت 80 کان 90 ھزار روپيہ ٿئي ٿي کڻي وڃڻ ڪري کيس وڏو نقصان پھچايو ويو آھي، ھن چيو تہ ٺٽي شھر ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، چوريون ڦرون ۽ دڪانن کي کاٽ لڳڻ روز جو معمول بڻيل آھي، پر حد جي پوليس ڏوھارين خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪا رڳو منشيات فروشن جي تاِڙ م لڳل اھي، جتان ھوء پنھنجا ڀڀ پئي ڀري، ھن چيو تہ کيس وڏو نقصان پھچايو ويو آھي، جنھن جو اطلاع ٺٽي پوليس کي پڻ ڏنو ويو آھي، ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري سندس ٿيل چوري واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪري شھرين جي ملڪيتن، جان توڙي مال جي حفاظت ڪري کين پھچندڙ نقصان کان بچايو وڃي، بئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں