
ٺٽو: علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي ضلعي جي سينيئر صحافي محبوب بروهي ۽ آپڪا اڳواڻ تاج حسين بروهي جي والد جو ٽيجهو اڄ ٺٽي شھر ڀرسان ڳوٺ پير محمد بروهي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي. جڏھن ته پونئيرن سان عذر خواهي جو سلسلو به جاري آھي، لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ايم اين اي ۽ پ پ جي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، پ پ تعلقي ٺٽي جي صدر عبدالحميد سومرو، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي اڳوڻي چيئرمين ممتاز علي ميمڻ، صوبائي سيڪريٽري صبغت الله مهر ٽائون ڪميٽي نصرپور جي اڳوڻي چيئرمين رئيس اصغر بروهي رئيس ماما الهبخش بروهي بروهي برادري جي معزز شخصيت حاجي پير بخش بروهي اڳوڻو نائب ناظم حاجي خير محمد بروهي اڳوڻو تعليمدان غلام اصغر ميمڻ آپڪا جو اڳوڻو صوبائي صدر دائود انڙ غلام قادر بلوچ خان هيلايو شاھ رخ کونڀاٽي اسد الله شاھ عوامي تحريڪ جي گهنور خان زنئور عبدالرزاق چانڊيو شاھ محمد چانگ، سينيئر صحافين فياض قريشي اسماعيل ميمڻ رشيد جاکرو زوهير علي عباس پٺاڻ محمد ميمڻ غلام مصفيٰ ڪڇي قومپرست اڳواڻ غلام نبي کٽي نور جوکيو الاهي بخش چنا حمير سرڪي نور حسن سرڪي سهيل پليجو عظيم بروهي گسٽا اڳواڻ غلام قادر باغي جيئند مگسي ناليواري قانوندان اعجاز جماڻي وڪيل نادر بروهي شاهنواز مگسي جهانگير پالاري سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي علمي ادبي ڌرين ۽ شھرين تڏي تي پهچي عذر خواهي ڪئي ۽ ڏک ونڍيو.


