
لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان
لاڑکانہ :سکر جي سنيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي لاءِ سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي پريس پاران صدر پريس ڪلب مرتضي ڪلهوڙو جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي هٿن پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. احتجاج ۾ سنيئر صحافي محمد عاشق پٹھان سرڪش سڌايو، يونين آف جرنلسٽس جي صدر طارق محمود دراني، ڊاڪٽر بدر شيخ ،عبدالقادر جاگيراڻي، عبدالحفيظ منگي ،محمد حنيف سهاڳ ،نادر ابڙو ،سلامت ابڙو، ظهير ابڙو، مسعود ابڙو، نادر مائري ،غلام شبير مغيري،عبدالجبار شيخ، سميت صحافين ۽ فوٽو گرافر نويد سومرو ،جاويد جهنجهوٽو ،منور ڀٽو، على نواز منگي، ذيشان کوکر ،محسن پٺاڻ، مدثر لاشاري ۽ ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر پريس ڪلب مرتضي ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته افسوس ۽شرم جي ڳالهه آهي سنڌ حڪومت هڪ سال گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو آهي جڏهن ته قاتل کلي عام شهر ۾ رهي رهيا آهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر بدر شيخ چيو ته سنڌ حڪومت مان ڪا به اميد نه آهي ڇو جو اهي قاتل سياسي آهن انهي ڪري چيف آف آرمي اسٽاف کي اپيل آهي ته هنن ملڪ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ حلف کنيو آهي
ان جي ڪري فوجي سربراهه شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي ميڊيا آڏو آڻين ته اسين فوج کي سلام ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ جي پهرين حڪومت ۾ جان محمد مهر کي شهيد ڪيو ويو پر قاتل گرفتار نه ٿيا، وري نگران آيا،پوء به قاتل گرفتار نه ٿيا، وري هاڻي پ پ پ حڪومت آئي آهي پر قتل گرفتار ناهن ٿيا. هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي. نت ٻئي صورت ۾احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.۔


