
21 مئي 2025
ڪراچي
يورپي يونين جي وفد جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان ملاقات
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه سان اڄ يورپي يونين جي وفد سندن آفيس ۾ ملاقات ڪئي. يورپي وفد جي اڳواڻي مسٽر جيرون ويلمز (سربراهه براءِ ڪوآپريشن) ڪري رهيو هو.
وفد ۾ ڊاڪٽر سيباستين لوريون (گورننس ۽ هيومن ڪيپيٽل ڊولپمينٽ جي جي ٽيم ليڊر) ۽ بريخنا اجمل ( پارليامينٽس ۽ صنفي برابري جو پروگرام مينيجر) شامل هئا.
اسپيڪر سان گڏ ميمبر سنڌ اسيمبلي تنظيمه قمبراڻي، سيڪريٽري سنڌھ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق، ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ ۽ هما اقرام الله موجود هئا.
ملاقات دوران گڏيل جاري منصوبن خاص ڪري “مضبوط پارليامينٽ” پروگرام ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسٽرٽيجڪ رٿابندي بابت هلندڙ ڪم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر يورپي يونين جي سهڪار جي ساراهه ڪئي ۽ مستقبل ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون.
وفد “اي-پارليامينٽ” منصوبي جو به جائزو ورتو، جنهن تحت يورپي يونين سنڌ اسيمبلي کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان فراهم ڪندي ته جيئن اسيمبلي ڊجيٽل ۽ پيپرليس بڻجي سگھي.
يورپي يونين جي وفد هڪ نئين پروگرام “Pakistan Women Leaders Programme” بابت به اسپيڪر کي آگاهه ڪيو جيڪو UN Women جي سهڪار سان تيار ڪيو پيو وڃي.
ان پروگرام جو مقصد عورت پارلياماني ڪاڪس (WPC) جي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي جنهن ۾ چونڊن دوران هراسان ڪرڻ، سائبر ڪرائمز ۽ سنڌ ۾ عورت ووٽرن جي رجسٽريشن وڌائڻ سميت ڪيترائي قدم شامل آهن.
اسپيڪر انهن سڀني قدمن تي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ يورپي يونين کي هڪ اهم ترقياتي ساٿي طور ساراهيو ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
اسپيڪر اويس قادر شاهه يورپي وفد کي سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارت جي سيشن هال جو دورو ڪرايو. هن مسٽر جيرون ويلمز ۽ سندن وفد جو شڪريو ادا ڪيو ته اهي سنڌ اسيمبلي کي جمهوري ۽ اداري جي مضبوطي لاءِ لڳاتار سهڪار فراهم ڪري رهيا آهن.


