
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) اڳوڻي صوبائی وزیر سينٽر سئي پليجو پنهجي پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو پيو ته ٻئي پاسي ڪوسٽل پٽي تي لڳندڙ نجي بجلي گھرن ۾ مقامي ماڻھون جي لنگھ بند ڪري کين احتجاج تي مجبور ڪيو ويو آهي جنھن جي مذمت ڪيان ٿي. سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا فوري طور تي نوٽيس وٺي ماهيگرن جا مسئلا حل ڪري کين فاقا ڪشي کان بچائين، سسئي پليجو چيو ته ھڪ پاسي مقامي پورهيتن کان روزگار جا وسيلا کيسا پيا وڃن ته ٻئي پاسي مزدور لاڳاپيل قانونن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري پورهيت سخت ٻٽي عذاب ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. پ پ پ جو منشور مزدور ۽ ماھیگیر دوست رھیو آھي ان ڪري مزدور ھاري ۽ ماھیگیرن جي حقن جي ھر حال ۾ پاسداري ٿيڻ کپي، ھن گھر ڪئي تہ فوري طور تي مقامي ماڻھن جا لنگھ کولي انهن کي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي جیئن ساحلي پٽي جا پورھیت پنھنجي ٻچن جو گذر سفر ڪري سگھن، حڪومتي ادارن کی فوری انصاف ڪرڻ کپي.


