لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سينئر صحافي معشوق علي اوڍاڻو کي صحافتي خدمتن عيوض کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس هال ۾ رهاڻ رچائي وئي،

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سينئر صحافي معشوق علي اوڍاڻو کي صحافتي خدمتن عيوض کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس هال ۾ رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري سلامت ابڙو، خزانچي منصور عباس ابڙو، سينئر صحافين ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، ڊاڪٽر بدر شيخ، محمد عاشق پٺاڻ، منير احمد سومرو، ايم يونس ڏيٿو، سيد جاويد شاھ، حنيف سهاڳ، سيد فهد شاھ، اعجاز چانڊيو، نادر ابڙو، عبدالحفيظ منگي، نديم سومرو، خان راجا مگسي، رشيد سمون، نادر مائري، محمد ادريس بلوچ، شاھ محمد لاشاري، علي گراماڻي، اڪبر هيسباڻي، وحيد لانگاھ، محمود پٺاڻ، راجا خان گاڏهي، جاويد لانگاھ، محمد يوسف گهانگهرو،

عبدالحميد ڀٽو سميت ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن ذيشان کوکر، محسن گل پٺاڻ، علي گل ڏيٿو، نويد سومرو، مومن ڪنگو، جاويد جنجهوٽه، حاجي اسلم راجپوت، مدثر لاشاري، مبشر کوکر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي ۽ ٻين صحافين ڳالهائيندي چيو ته سينئر صحافي معشوق اوڍاڻو هميشه حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو ۽ هن هر دور ۾ پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي غريب، مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ماضي ۾ جڏهن پرنٽ ميڊيا جو عروج هو ته هن سچائي جي بنيادن تي پنهنجي اخبار ۾ رپورٽنگ ڪئي، جنهن دوران هن کي ڪرپٽ ڪامورن، سياستدانن ۽ ڏوهاري قسم جي ماڻهن پاران حيسايو

جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڪڏهن به اصولن جي سوديبازي نه ڪئي ۽ قلم جي شان کي اوچو رکيو، جنهن کي اڄ اسين هن تقريب ۾ جس ٿا پيش ڪريون. هوڏانهن سينئر صحافي معشوق علي اوڍاڻو کي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪو پارائڻ سان گڏ کيس شيلڊ پڻ ڏني وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں