
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) حلال احمر پاڪستان ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ حاجي محمد حنيف ميمڻ پاران 2 ڏينهن اڳ ٺٽي شھر جي باء پاس ڀرسان رھندڙ گندرا برادري جي ٽن پورھيتن قادر بخش گندرو، اسماعيل گندرو ۽ شفيع محمد گندرو جي گھرن کي اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽنھي پورھيتن جا گھر ۽ گھرن ۾ رکيل سمورو سامان 2 ٻڪريون ۽ 3 رڍن سميت سڙي ويون ھيون، جيڪي ھن وقت کليل آسمان ھيـٺ بي يارو مدد گار بڻيل آهن، جن باھ متاثرين وٽ پھچي، کين حلال احمر طرفان ٽينٽ، گرم ڪمبل، رڌ بچاءٔ جو سامان، راشن، بالٽيون ۽ ضرورت جو ٻيو سامان مھيا ڪيو، جتي باھ متاثرين ھلال احمر پاڪستان جو ٿورو مڃيندي چيو ته ھن مشڪل گھڙي ۾ اسان جي سار لھڻ لاء حلال احمر اڳواڻ حاجي محمد حنيف ميمڻ پھتو آھي، جيڪو جس لھڻي ٿو، ھنن چيو تہ حاجي حنيف ميمڻ کانسواء سندن ڪنھن بہ سار ناھي لڌي جيڪا ڏک جي ڳالھ آھي، ھنن چيو تہ باھ سبب سندن سڀ ڪجھ سڙي رک ٿي ويو اھي، ان موقعي تي ھلال احمر پاڪستان ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ حاجي محمد حنيف ميمڻ چيو تہ ھلال احمر پاڪستان ھميشہ قدرتي آفتن جي متاثرين سميت جتي بہ اھِڙا واقعيا رونما ٿين ٿا تہ ھلال احمر پاڪستان جي ٽيم اتي پھچي متاثرين جي ھرممڪن مدد ڪري ٿي ۽ ھتي بہ گندرا برادري جي باھ متاثرين وٽ پھچي کين خيما، ٿانو، گرم ڪمبل سميت ضرورت جو سامان مھيا ڪيو اھي، جيئن باھ متاثرين پريشاني کان بچي سگھن، حاجي محمد حنيف ميمڻ چيو تہ ٻين تنظيمن کي پڻ اڳتي اچي باھ متاثرين جي ھن مشڪل گھڙي ۾ مدد ڪرڻ گھرجي. ان موقعي تي گندرا برادري جو معزز وڏيرو محمد عرس گندرو، صحافي اعجاز واريو، محمد شريف ھالو، شاھد جوکيو، نعمان خاصخيلي، محمد خان ملاح ٻيا پڻ موجود ھئا.


