آپڪا سنڌ جي نائب صدر عبدالڪريم ڀاند ۽ اپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر حاجي محمد اشرف بھائي خشڪ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صحت کاتي سنڌ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي بہ ٿڏي ڇڏيو آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) آپڪا سنڌ جي نائب صدر عبدالڪريم ڀاند ۽ اپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر حاجي محمد اشرف بھائي خشڪ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صحت کاتي سنڌ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي بہ ٿڏي ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ صحت کاتي جي ڪلارڪن جا سالن کان رڪيل پروموشن سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪمن باوجود نه ملي سگهيا آھن، ھنن چيو تہ صحت کاتي ۾ خالي پيل 13 سئو پوسٽون هجڻ باوجود ڪلارڪ طور ڪم ڪندڙ 952 ڪلارڪ پروموٽ نه ٿي سگهيا آھن، ان کان علاوہ صحت کاتي ۾ جوئينر ڪلارڪ کان سينيئر ڪلارڪ لاءِ خالي پيل 350 ڪلارڪ سيٽون هجڻ باوجود پروموٽ ٿيڻ کان رهجڻ سميت سينيئر ڪلارڪ کان آفيس اسسٽنٽ لاءِ خالي پيل 170 جاين تي 141 ڪلارڪن جا پروموشن نه ٿي سگهيا آھن، ھنن چيو تہ صحت کاتي ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ 55 آفيس اسسٽنٽ کان آفيس سپريڊنٽ ٿيڻ کان رهجڻ سان گڏ صحت کاتي ۾ 70 سيٽون خالي پيل آھن، جيڪي پڻ ڀرجي ناھن سگھيون. ھنن چيو تہ
2019 کان 2024 تائين مختلف وقتن تي اسان آپڪا جي پليٽ فارم تان احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا، پر صحت کاتو هر ڀيري آسرا ڏيئي پروموشن نٿو ڪري، جنھن ۾ سيڪشن آفيسر به ڪن لاٽار ڪري رھيو آھي، جنھن کي بہ ڪلرڪن جو ڪو بہ احساس ناھي، آپڪا اڳواڻ عبدالڪريم ڀاند ۽ حاجي اشرف بھائي خشڪ چيو تہ
عدالت سڳوري جي حڪمن باوجود ڪلارڪن جا صحت کاتو پروموشن ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن چيو تہ سالن کان صحت کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪندڙ اهڙا به ملازم آهن جيڪي رٽائرڊ ٿيڻ وارا آهن پر صحت کاتي جي بي حسي سبب ملازم مايوسي جو شڪار بڻيل آهن، ھنن چيو تہ صحت کاتي جا 30 کان وڌيڪ ڪلارڪ جنهن اسڪيل م ڀرتي ڪيا ويا ساڳئي ئي اسڪيل ۾ بغير پروموشن جي رٽائرڊ ٿي ويا آھن، ھنن چيو تہ هيلٿ ڪارڊ، يوٽيلٽي الائونس، ٽائيم اسڪيل، ايڊمن آفيسر ٿيڻ کان نظرانداز ڪيو پيو وڃي، صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل، سيڪريٽري هيلٿ، سيڪشن آفيسر خط لکڻ باوجود اسان سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ پيا ڪن، جيڪو عمل برداشت کان ٻاھر آھي، ھنن چيو تہ صحت کاتي سنڌ کي هر ڪيڊر جي سال جي پهرين مهيني ۾ سينارٽي لسٽ جاري ڪرڻي آهي پر افسوس 20 سالن کان لسٽ جاري نٿي ڪئي وڃي، صحت کاتي ۾ ڪنھن به قسم جي هڪ جهڙي پاليسي ناهي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ڪلرڪن سميت سمورن ملازمن جا پروموشن ڪري ملازمن ۾ ڦھليل بيچيني دور ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويند

اپنا تبصرہ بھیجیں