
لاڑکانوں رپورٹ محمد عاشق پٹھان سڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي نيڌرلينڊ جي پرڏيهي سياح جوڙو زال مڙس وان اسٽريگم مس پيٽرا موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،نيڌرلينڊ سياح زال مڙس جوڙو اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايرياز ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو.نيڌرلينڊ جي سياح جوڙي کي موهن جي دڙي بابت سنڌ ٽوئرزم جو مقامي مقرر گائيڊ ارشاد سولنگي قديم آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ سياح جوڙي کي اسٽوپا اڳيان سنڌي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.


نيڌرلينڊ پرڏيهي سياح جوڙي جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو کي ڏسي ڪري تمام خوشي ٿي آھي هنن چيو ته هتان جا ماڻھو تمام محبتي ۽ وڏا قربائتي آھن.هنن چيو ته اسان جي خواهش ھئي ته پاڪستان وڃي ڪري اسان موهن جو دڙو ضرور ڏسي اچون.هنن چيو ته اهيا اسان جي خواهش پوري ٿي وئي آھي،جڏھن ته آسٽريليا جي آيل سياح زال مڙس جوڙي کي پوليس سيڪيورٽي ڏني وئي هئي.


