گذريل ڏينھن زميني معاملي تان ٺٽي لڳ 103 موري ڀرسان پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ ٿيل جھيڙي جو زخمي صحافي نذاڪت شاھ جو ڀاءُ تپيدار سيد علمدار شاھ ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نہ سھندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) گذريل ڏينھن زميني معاملي تان ٺٽي لڳ 103 موري ڀرسان پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ ٿيل جھيڙي جو زخمي صحافي نذاڪت شاھ جو ڀاءُ تپيدار سيد علمدار شاھ ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نہ سھندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو، جنھن جو لاش سجاول سندس گھر پھچڻ تي گھر ۾ سوڳ طاري ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي صحافين سميت روينيو کاتي جا عملدار سندس تڏي تي پھچي ويا، جڏھن تہ ڊي سي ٺٽو پاران سندس ڪالھ ڪراچي اسپتال ۾ عيادت پڻ ڪئي ھئي، پر موت کيس وڌيڪ مھلت نہ ڏني ۽ ھو ھميشہ لاء سڀني کان وڇڙي ويو.
===================

اپنا تبصرہ بھیجیں