
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) ٺتي لڳ گندرا برادري جي گھرن کي باھ وڪوڙي ويئي، 3 پورھيتن جا گھر سامان ۽ ٻن بڪرين سميت سڙي رک ٿي ويا، باھ متاثرين کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل، باھ متاثرين جي ڪنھن بہ سار نہ لڌي، باھ متاٿرين پاران وس وارن کي واھر جي اپيل ڪئي ويئي آھي، تفصيل موجب ٺٽي شھر لڳ ٺٽو/حيدرآباد بائي پاس تي گندرا برادري جي گهرن کي اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽن پورھيتن اسماعيل گندرو، قادر گندرو ۽ ھاشم گندرو جا گھر، گھرن ۾ رکيل ھنڌ، بسترن سميت سمورو سامان سڙڻ سان گڏ گھر ۾ بيٺل 2 ٻڪريون بہ سڙي مري ويون، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، پر آخر تائين مڪلي ۽ ٺٽي تي بيٺل فائر برگيڊ گاڏيون خراب ھجڻ جو بھانو بنائي نہ ڏنيون ويون، جنھن ڪري پورھيٿن جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو، جيڪي ھن وقت ھن سردي ۾ ٻچن سان گڏ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار بڻيل آھن، جن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، باھ متاثرين وس وارن کان واھر ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي، جيئن ٻيھر اجھا اڏي ٻڇن کي سردي کان بچائي سگھن.


