
انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جو انچارج ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري کي مادرعلمي جي باني وي سي علامه آءِ آءِ قاضي جو پورٽريٽ تحفي ۾ ڏيندي
====================

سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار پاران سوشل ميڊيا تي مادرعلمي جي سيڪيورٽي کي بدنام ڪرڻ لاءِ پوسٽ ڪيل وڊيو جي سختيءَ سان مذمت، ڄاڻايل ٽڪ ٽاڪر خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو سوشل ميڊيا تي مادرعلمي جي سيڪيورٽي کي بدنام ڪرڻ لاءِ پوسٽ ڪيل وڊيو جي سختيءَ سان مذمت ڪندي ڄاڻايل ٽڪ ٽاڪر خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو آھي. پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ رجسٽرار چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي کي بدنام ڪرڻ لاءِ وڊيو ٺاھي انکي ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمن تي پوسٽ ڪيو ويو آھي، جيڪو ناقابلِ برداشت عمل آھي. ھن چيو ته ڄاڻايل وڊيو جو سيڪيورٽي سان ڪو به تعلق ناھي ۽ اھو سڀ شرپسندن جي حرڪت آھي. ھن چيو ته وڊيو واري شخص جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، جنھن بعد سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته وڊيو يونيورسٽي جي ليگل ايڊوائيزن کي پڻ موڪلي وئي آھي.


