شهيد بينظير ڀٽو سندس پيءُ ۽ ڀائرن جيان پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽي، سيد ناصر شاهه

ڪراچي
تاريخ 27 ڊسمبر 2024
شهيد بينظير ڀٽو سندس پيءُ ۽ ڀائرن جيان پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽي، سيد ناصر شاهه
ڪراچي (27 ڊسمبر): صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي نالي جيان بينظير ۽ پاڪستان جي عظيم شخصيت آهي. هن چيو ته شهيد راڻي جي قرباني سبب اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت آئي قائم آهي، شهيد راڻي ٻن آمرن کي پڄاڻي تائين پهچايو ۽ ڏکين حالتن ۾ به عوام سان گڏ بيٺي رهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي والد ۽ ڀائرن جيان مقصد کان پوئتي نه هٽي. هن وڌيڪ چيو ته اها چئن صوبن جي زنجير هئي، زنجير ٽوڙي ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي بينظير جو پاڪستان بچايو. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر انفارميشن/ ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
صوبائي وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں