پاڪستان زنده باد موومينٽ ٺٽي ضلعي جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته 25 ڊسمبر جو ڏينهن اسان جي قائداعظم محمد علي جناح جي جنم جو ڏينهن آهي، اهو ڏينهن اسان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) پاڪستان زنده باد موومينٽ ٺٽي ضلعي جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته 25 ڊسمبر جو ڏينهن اسان جي قائداعظم محمد علي جناح جي جنم جو ڏينهن آهي، اهو ڏينهن اسان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون. قائداعظم محمد علي جناح جي لازوال محنتن سان اسان کي هي آزاد وطن پاڪستان مليو آھي. ھن چيو تہ قائداعظم محمد علي جناح هميشه جمهوريت تي يقين رکيو، اسان جو ملڪ پاڪستان اسان کي پاڪ فوج جي سپاهين جي قربانين ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي محنتن سان مليو آهي. اڄ اسين آزاد وطن جا آزاد شهري آهيون، سيد الطاف حسين شاهه شيرازي چيو ته توهان انهن ملڪن کان پڇو جيڪي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. اسان جي پنهنجي پاڪ فوج آهي، جنھن تي اسانکي فخر آھي، ھن آخر ۾ پاڪ فوج جي شهيدن توڙي قائداعظم محمد علي جناح کي ڏنل قربانين توڙي ڪيل جدوجھد تي خراج تحسين پيش ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں