
پريس پڌرائي
22 ڊسمبر 2024
خيرپورميرس/ڪنب (پ ر) سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪن سان شاگرد جرڪن پيا تقريرون، ٽيبلوز سان گڏ قومي گيتن تي رقص ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔
ان موقعي تي ڪرم حسين وساڻ اسڪول اونر، مير اسد ٽالپر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ضلع آفيسر، ڊاڪٽر مشتاق ڦل اڳوڻو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساس، منظور حسين اڄڻ مرڪزي اڳواڻ سگا، الهوڌايو حاجاڻو، غلام عباس ڪلادي ۽ محمد فاضل وساڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين درياءَ اسان جو جياپو آهي سنڌ جي عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو ڇو ته عوام جو دارومدار زراعت تي آهي جڏهن پاڻي نه هوندو ته


زراعت متاثر ٿيندي جنهن ڪري عوام کي بک ۽ بدحالي جو شڪار ڪيو پيو وڃي۔



هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي سنڌ جي ثقافت صرف ٽوپي اجرڪ پائڻ نه آهي پنهنجا وسيلا بچائڻ آهي اسان جي وسيلن تي قبضا ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي جنهن کي ڪٽي ڪوري تباه ڪيو پيو وڃي۔
ٻارڙن بهترين ٽيبلوز پيش ڪري پنڊال ۾ ويٺل شاگردن ۽ آيل مهمان کي جهومائي ڇڏيو۔
شاگردن ۾ اميدان شيخ، اقرا ميمڻ، عيلين مصطفي وساڻ ۽ سرمد تمراڻي جوشيلي انداز ۾تقريرون ڪري ثقافت تي روشني وڌي ۽ اظهر وساڻ، سميع الله تمراڻي، فدا شاه ۽ گروپ ٽيبلوز پيش ڪيا۔
ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب


