سي آئي اي پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي پاران ٺٽي شھر جي مختلف چوراھن تي سنيپ چيڪنگ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي،

ٺٽو(رپورٽ:علي گوهر قمبراڻي) سي آئي اي پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي پاران ٺٽي شھر جي مختلف چوراھن تي سنيپ چيڪنگ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جتي سنيپ چيڪنگ دوران گاڏين تي نمبر پليٽون نہ ھجڻ توڙي گاڏين جا ڪاغذ نہ ھجڻ جا ڪيس تمام گھڻا ظاھر ٿيا آھن، ان موقعي تي سي آئي اي پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي عوام کي آگاھي ڏيندي چيو آھي تہ ھر شھري پنھنجي موٽر سائيڪلن جا ڪاغذ پاڻ سان گڏ رکي موٽر سائيڪلن تي نمبر پليٽون لڳرائي ڇڏين تہ جئين انھن کي ڪنھن بہ مشڪلات کي منھن نہ ڏيڻو پوي. ھن چيو تہ سنيپ چيڪنگ دوران اڪثر گاڏين تي نہ نمبر پليٽون لڳل آھن ۽ نہ ئي موٽر سائيڪل ھلائيندڙن وٽ گاڏين جا ڪي ڪاغذ موجود آھن، جيڪو عمل غلط آھي، ھن چيو تہ ھاڻي جن بہ گاڏين وارن وٽ ڪاغذ توڙي نمبر پليٽون لڳل نہ ھونديون تہ انھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ممتاز علي بروھي چيو تہ ڊي آء جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٺٽي جي خاص ھدايتن تي سنيپ چيڪينگ سميت ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن، شھري پوليس سان مڪمل تعاون ڪن، جيئن ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جو مڪمل خاتمو آڻي سگھون.

============================
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ضلعي سميت يوسي جھمپير ۽ ڄنگھڙي جي برسات متاثرين جي گھرن جي ٿيل سروي بعد منطور ٿيل گھرن کي 2 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود منظور ٿيل گھرن جي پيمنٽ برسات متاثرين کي ملي ناھي سگھي، جيڪي سخت پريشان آھن، جن پاران جلد منطور ٿيل گھرن جي پيمنٽ ڏيارڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير ۽ ڄنگھڙي جي ڪيترن ئي برسات متاثرين انور جاکرو، تراب علي جاکرو، اميربخش، ۽ ٻين ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ 2022 ۾ پيل تيز طوفاني برساتن سبب سندن گھر ڊھي پٽ پئجي ويا ھئا، جن جي سنڌ حڪومت طرفان مختلف سماجي تنظيمن معرفت سروي ڪرائي ويئي، جيڪي گھر منظور ٿيڻ باوجود کين منطور ٿيل گھرن جي پيمنٽ ملي ناھي سگھي جو ھو پنھنجا گھر جوڙائي سگھن، ھنن چيو تہ يوسي جھمپير ۾ 12 سئو ۽ يوسي ڄنگھڙي ۾ ساڍا چار سئو کان مٿي گھر منظور ٿيا اھن، جن مان رڳو ڪجھ من پسند ماڻھن کي گھرن جي پيمنٽ جاري ڪئي ويئي اھي، باقي حقيقي برسات متاثرين کي پيمنٽ ملي ناھي سگھي جو ھو گھر جوڙائي سگھن، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ ڪافي برساتن متاثرين ايجنٽن ھٿان بہ ڦرجي ويا اھن، جن پاران مختلف بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولرائڻ باوجود کين گھرن جي منظور ٿيل رقم ملي ناھي سگھي، ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن منظور ٿيل گھرن جي پيمنٽ جاري ڪئي وڃي، جيئن ھو پنھنجا گھر جوڙائي پنھنجي ٻچن کي محفوظ ڪري سگھن.

https://www.youtube.com/@jeeveypak/videos

اپنا تبصرہ بھیجیں