
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) خشڪ برادري جي چيف سردار رئيس شاھنواز خشڪ جو وڏو فرزند سردار رئيس مقصود علي خشڪ ٺٽي جي خشڪ برادري جي معزز آپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر حاجي محمد اشرف بھائي خشڪ جي مڪلي واري رھائش گاھ خشڪ ھائوس تي پھتا، جتي حاجي اشرف بھائي خشڪ پاران سردار رئيس مقصود علي خشڪ جو مانائتو استقبال ڪري کيس لونگين جا تحفا پيش ڪيا، جنھن بعد سردار رئيس مقصود علي خشڪ، اشرف بھائي خشڪ سان گڏ ڳوٺ گليل خشڪ مٺاڻي خشڪن جي تڏي تي پھچي علي حسن خشڪ جي وفات تي ان جي وارثن غلام نبي خشڪ، ناٿو خشڪ، اشرف مٺاڻي خشڪ ۽ ٻين سان تعزيت ڪري ڏک ونڊي مرحوم جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھرندي سردار رئيس مقصود علي خشڪ چيو تہ انشاﷲ جلد برادري جي هن خوني تڪرار جو نبيرو ڪرايو ويندو، رئيس مقصود علي خشڪ چيو ته قبائلي جهيڙا پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آهن، ان لاء ٻنهي ڌرين کي پر امن رهڻ جي تاڪيد ڪريان ٿو، ھن چيو تہ سڀ معاملا انشاءﷲ جلد نبيريا ويندا، ان موقعي تي اشرف “ڀائي” خشڪ، فهد حسين خشڪ، جاويد علي خشڪ، امجد علي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، جن چيو تہ اسانکي پنھنجي وڏن جي عزت، احترام ۽ انھن جو ادب ڪرڻ گھرجي، اشرف “ڀائي” خشڪ وڌيڪ چيو تہ اسان سردار رئيس مقصود علي خشڪ جا بيحد شڪر گذار آھيون، جيڪو پڻ اسان سان ھن ڏک ۾ اچي شريڪ ٿيو آھي، ھنن چيو تہ جلد اسانجو سردار رئيس مقصود علي خشڪ اسانجي برادري ۾ ھلندڙ تڪرار جو نبيرو ڪرائي ڦھليل نفرت کي ھميشہ لاء ختم ڪرائي ڇڏيندو.


