
ٺتو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر، ايم پي اي رخسانا شاه جي صدارت ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جو اجلاس بخاري ھائوس مڪلي تي ٿي گذريو، جنھن ۾ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي 17ھين ورسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ لاء ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ پ ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر ايم پي اي رخسانا شاھ چيو تہ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت ملڪ لاءِ اھم ڏک ڀريو لمحو ھو. جيڪو سندس وڃڻ جو خال اڃان تائين ڀرجي نہ سگھيو آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي ھڪ وجود جو نالو آھي، جنھن کي ڪو بہ ختم نٿو ڪري سگھي، شهيد بينظير ڀٽو جا چيل لفظ ته جمھوريت ھڪ بھترين انتقام آھي، جنھن کي پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري عملي جامو پهرائي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو. زخسانہ
شاھ چيو تہ شھيد بينظير ڀٽو پاڪستان نہ بلڪه دنيا جي ھڪ عظيم ليڊر ھئي، جنھن کي پوري دنيا تسليم ڪري ٿي، جمھوريت پاڪستان پيپلز پارٽي جي قرضدار آھي ڇو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي لازوال قربانيون ڏئي جمھوريت کي پروان چڙھايو ۽ جمھوريت اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آھي. انشاءُ اللہ شھيد راڻي جي ورسي تي ضلعي ٺٽي مان سوين گاڏين تي مشتمل ھزارين ڪارڪنن جا قافلا ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ کانپوءِ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداری، ادي فريال ٽالپر ۽ مرڪزي قائدين جو تاريخي خطاب ٻڌندا. اجلاس ۾ تعلقي گهوڙاٻاري جي صدر گلبانو مڱڻهار، تعلقي ٺٽي جي صدر امينا احسان ڀٽي، تعلقي ساڪري جي صدر صفيا جوکيو،تعلقي ساڪري جي جنرل سيڪريٽري زرينہ بلوچ، تعلقي ڪيٽي بندر جي صدر حوا ڪڙمون ۽ ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ شھيدن جي ايثال ثواب لاء خصوصي دعائون گھريون ويون.



