سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اهم فيصلو: انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر کي فئڪلٽي آف ڪمپيوٽنگ اينڊ آءِ ٽي ۾ اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري

ٽنڊوڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڪيڊمڪ ڪائونسل پنهنجي 83هين اجلاس ۾ اهم تعليمي سڌارن جي منظوري ڏيندي موجوده انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر کي اپ گريڊ ڪري فئڪلٽي آف ڪمپيوٽنگ اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو درجو ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو. اجلاس جي صدارت ميرٽوريئس پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي، جيڪي يونيورسٽي ۾ جديد دور جي ضرورتن مطابق تعليمي مضبوط حڪمتِ عملي لاءِ مشهور آهن.
1. فئڪلٽي جو درجو ۽ نوان ڊپارٽمينٽ
انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر کي باقائدي فئڪلٽي آف ڪمپيوٽنگ ۽ آءِ ٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري.
موجود انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرامز کي مڪمل ڊپارٽمينٽس جو درجو ڏيڻ جو فيصلو.
2. وائيس چانسلر جا اختيار
هنگامي يا ضروري صورتحال ۾ انڊرگريجوئيٽ ۽ پوسٽگريجوئيٽ ڊگريون جاري ڪرڻ لاءِ خصوصي اختيار وائيس چانسلر ميرٽوريئس پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال کي تفويض ڪرڻ.
3. داخلائن ۽ ضابطن ۾ تبديليون
پوسٽگريجوئيٽ قانونن ۽ ضابطن ۾ تبديليون منظور.
تعليمي سال 2025 لاءِ پوسٽگريجوئيٽ داخلائن جي نئين پاليسي.
تعليمي سال 2025–26 لاءِ انڊرگريجوئيٽ داخلائن جي نئين پاليسي به منظوري ڏني وئي.
4. نوان نصاب ۽ تعليمي پروگرام
ايم.ايس.سي (ايگري) آنرز ايگريڪلچرل ايڪانامڪس، ايم.ايس ايگري بزنس مينيجمينٽ، ۽ پي.ايڇ.ڊي ايگريڪلچرل ايڪانامڪس جا نظرثاني ٿيل نصاب منظور.
فئڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي هيٺ ڊپلوما ان جيوگرافيڪل انفارميشن سسٽمز (GIS) شروع ڪرڻ جي منظوري.
خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مينيجمينٽ سائنسز ۾ ٽي نوان انڊرگريجوئيٽ پروگرام شروع ڪرڻ جي اجازت:
بي.ايس انوائرنمينٽل سائنسز
بي.ايس انگلش
بي.ايس سي هارٽيڪلچر
5. اڪيڊمڪ ۽ امتحاني فيصلا
مختلف بيچز جي گريجوئيٽ ۽ پوسٽگريجوئيٽ لسٽن جي تصديق.
تعليمي سال 2026 لاءِ اڪيڊمڪ ڪيلنڊر منظور.
امتحاني جوابن جون ڪاپيون، سوالناما، ۽ غير استعمال ٿيل اسٽيشنري محفوظ رکڻ يا تلف ڪرڻ لاءِ طريقيڪار منظور.
6. ٻين شقن جي تصديق
اڪيڊمڪ ڪائونسل جي 82هين باقاعده ۽ 58هين خصوصي اجلاس جي منٽن جي تصديق.
بورڊ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر بچل ڀٽو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر رياض علي ٻرڙو جي نامزدگي ۾ توسيع.

اپنا تبصرہ بھیجیں