
ٺٽو علي گوهر قمبراڻي
ترقي ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪوسٽل هاءِ وي جي تعميراتي منصوبي جو معائنو ڪرڻ لاءِ ڪوسٽل ھاءِ وي پھتو. وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ صوبائي وزير ورڪس سروسز علي حسن زرداري، صوبائي وزير ناصر شاھ، پ پ ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ گڏ هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ 1991ع پاڻي معاھدو ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ سموري ليڊرشپ سان گڏجي عملي جامو پھرايو ويو، جنھن تي چارئي صوبا متفق ھئا، ھي معاھدو ھڪ مضبوط فريم ورڪ آھي، جنھن ۾ اھو پابند بڻايو ويو آھي تہ ڪو بہ صوبو ٻئي صوبي جي پاڻي تي ڌاڙو نٿو ھڻي سگھي ۽ نہ ئي وري ڪنھن صوبي جو پاڻي چوري ڪري سگھي ٿو، 1991ع معاھدي کي وفاقي حڪومت تسليم ڪري ٿي ۽ ان تي عمل بہ ڪندي. ھن چيو تہ ڪوسٽل هاءِ وي واري منصوبي تي ڪم تيزي سان ھلندڙ آھي. جڏھن تہ پهرين مرحلي ۾ 13 هزار 625 ملين رپين جي لاڳت سان 36 ڪلوميٽرن جي تعمير جو ڪم تيزي سان ھلندڙ آھي. ھن چيو تہ ڪوسٽل هاءِ وي منصوبي جي تعمير جو ڪم ٻوهارا کان شروع ٿي ويو آهي. ڪوسٽل هاءِ وي پهرين مرحلي ۾ ڪيٽي بندر تائين تعمير ڪيو ويندو، ڪوسٽل هاءِ وي جي اڏاوت سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي ۽ زرخيز
زمينن کي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائيندو. ھن چيو تہ ٺٽي جي ماهرن موجب سجاول، بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ 04 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير 2007ع ۾ شروع ٿيڻ کان پوءِ پھريون مرحلو مڪمل ٿي ويو. ٺٽي کان بدين تائين 279 ڪلوميٽر ڊگھي ڪوسٽل هاءِ وي تي مستقبل ۾ تعمير ڪئي ويندي. ھن چيو تہ سنڌ جي ڪوسٽل ھاءِ وي منصوبو آھي جنھن جو جائزو ورتو ويو 37 ڪلو ميٽر وفاقي حڪومت ٺاھي رھي آھي، منصوبو سنڌ جي سامونڊي پٽي جي زمين ڳڙڪائڻ کان روڪڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي، سياحت کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ترقي ٿيندي، غربت ختم ڪرڻ ۾ مدد ٿيندي. پاڪستان جي پسماندہ علائقن کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پ پ ٻہ وڏيون سياسي پارٽيون آھن جيڪي ميثاق جمھوريت تي ڪم ڪري رھيون آھن، پاڪستان جي اندر ۾ ترقي لاء گڏيل طور تي ڪم ڪيو آھي. سياسي مخالف ٿي سگھون ٿا پر ملڪ جي قومي مسئلن تي گڏ رھيا آھيون. فسطائيت کي ھوا ڏيندڙ پارٽي معشيت کي تباھ ڪيو، اسان ملڪ جي خاطر گڏيل حڪومت ٺاھي آھي، سياست ۾ ايئن ناھي ٿيندو جو سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪجي. آصف زرداري، نواز شريف، بلاول ڀٽو، شھباز شريف سڀ ملڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن. ڌرڻو ڏيڻ لاءِ ھڪڙي جماعت آھي اھي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ملڪي معشيت کي نقصان رسايو, پاڪستان کي محبت، امن جي ضرورت آھي، فسطائيت، نفرت ۽ فساد کي دفن ڪرڻو آھي. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو چيئرمين عبدالحميد پنھور، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، شاھنواز لوھار، عبدالغني بگھياڙ ۽ ءيا پڻ موجود ھئا


