
ڪراچي (22 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ انڪليوسِو سٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 75 ايڪڙ تي ٻڌل منصوبي جي جامع ماسٽر پلان جي منظوري ڏني وئي۔ هي منصوبو خاص ماڻهن ۽ معذور شهرين لاءِ پاڪستان جي پهرين مڪمل ۽ جديد ڪميونٽي ماڊل جي حيثيت سان تيار ڪيو پيو وڃي۔ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، معذور ماڻهن جي بااختياري (DEPD) جو سيڪريٽري طه فاروقي، سلطان الانا، منير ڪمال، مروين لوبو، مشتاق ڇاپڙا، ارشد شاهه عبدالله، صوبيه سلطانه ۽ فاروق مظهر شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير چيو ته انڪليوسِو سٽي معذور ماڻهن لاءِ صحت، تعليم، رهائش ۽ روزگار جي سهولتن سان گڏ رسائي، شموليت ۽ بااختياري جي هڪ بهترين ۽ جديد جاءِ بڻجندي۔ هي منصوبو 75 ايڪڙ زمين تي تعمير ڪيو پيو وڃي جيڪو سنڌ حڪومت جي بغير رڪاوٽن ۽ برابريءَ واري سماج جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو۔ سيڪريٽري DEPD طه فاروقي ۽ معمار شاهه عبدالله وڏي وزير کي منصوبي جي ڊيزائن ۽ تجويز ڪيل سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ مراد علي شاهه ٻڌايو ته انڪليوسِو سٽي ۾ رهائشي بلاڪ، تعليمي ۽ تربيتي ڪمپليڪس، بحالي مرڪز، معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اين جي اوز جا آفيسون، اسپتالن جا ان پيشينٽ ۽ آئوٽ پيشينٽ بلاڪ، او پي ڊي، فني تربيت جا ادارا، ۽ غير سرڪاري تنظيمون گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ زونز شامل هوندا۔ هن چيو ته هي شهر جامع بحالي جي اصول تي ٻڌل هوندو جتي تعليم، علاج، بحالي، روزگار ۽ رهائش جي سهولتن کي هڪ ئي نظام ۾ گڏ ڪيو ويندو ته جيئن خاص ماڻهو سماج جي مرڪزي وهڪري جو حصو بڻجن۔ وڏي وزير DEPD جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته منصوبي ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ذهني ۽ جسمي چيلينجن سان جهيڙيندڙ ٻارن لاءِ تفريحي ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي ملي۔ يوٽيلٽي ۽ انفراسٽرڪچر: اجلاس ۾ مختلف لاڳاپيل ادارن سان رابطن جو جائزو ورتو ويو جن ۾ PD ملير ايڪسپريس وي/BRT، نيشنل ريفائنري لميٽيڊ، ڪراچي واٽر اينڊ سيويوريج ڪارپوريشن (KWSC)، سوئي سدرن گيس ڪمپني (SSGC)، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ، پي ٽي سي ايل ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) شامل هئا۔ ڪي اليڪٽرڪ ٻڌايو ته منصوبي لاءِ 4.9 ميگاواٽ بجلي 11 ڪلو وولٽ جي خاص فيڊر ذريعي فراهم ڪئي ويندي جيڪا اسپتالن وانگر لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ هوندي۔ ادارن کي سفارش ڪئي وئي ته اوورهيڊ ٽرانسميشن لائينن کان گهٽ ۾ گهٽ 60 فوٽ افقي ۽ 20 فوٽ عمودي فاصلو رکيو وڃي ته جيئن حفاظت جا معيار پوريون ٿين۔ سوئي سدرن گيس ڪمپني آگاهي ڏني ته گيس جو ڪنيڪشن ڪورنگي روڊ تان ڏنو ويندو ۽ پائپ لائينون رِنگ روڊ سان گڏ هر عمارت تائين پهچنديون۔ وڏي وزير چيو ته گيس جي کوٽ جي پيش نظر ايل پي جي کي متبادل ۽ پائيدار حل طور غور هيٺ آندو وڃي۔ ڪراچي واٽر اينڊ سيويوريج ڪارپوريشن ٻڌايو ته منصوبي جي ويجهو ڪو به نيڪال نظام موجود ناهي تنهن ڪري سيويوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا جيڪي گندو پاڻي آبپاشي لاءِ قابلِ استعمال بڻائيندا، جڏهن ته صاف ٿيل پاڻي درياءِ ملير ۾ خارج ڪيو ويندو۔ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٻڌايو ويو ته 33 انچ قطر واري قيوم آباد پائپ لائين ڪافي ناهي تنهن ڪري وڏي وزير آن سائيٽ رِيورس آسموسِس (RO) پلانٽ لڳائڻ جي منظوري ڏني۔ KMC آگاهي ڏني ته ويجهو موجود منظور ڪالوني نالي طوفاني نيڪاسي وارو نالو برساتن ۾ ڀرجي ويندو آهي ڇاڪاڻ تہ منصوبي جي زمين نِچلي سطح تي آهي تنهنڪري وڏي وزير متبادل نيڪاسي نظام جي منظوري ڏني جنهن ۾ اسٽارم واٽر ريچارج پِٽس، ذخيرا ۽ چينلز شامل هوندا ته جيئن ڊگهي مدي واري سيلابي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي۔ منصوبي جي اڳڀرائي: منصوبي جي بارڊر وال مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته سڙڪن، نيڪال، بجلي، سيويوريج ۽ گيس جو ڪم ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي۔ پهريون مرحلو ڇهن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن ۾ ان پيشينٽ اسپتال، او پي ڊي، بحالي مرڪز، فني ۽ جامع اسڪول، اسسٽڊ لِونگ يونٽس ۽ عملي لاءِ رهائشي سهولتون شامل آهن۔ وڏي وزير سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته بينالمحڪماتي هم آهنگي کي تيز ڪيو وڃي ۽ سڀ مسئلا وقت سر حل ڪيا وڃن ته جيئن انڪليوسِو سٽي هڪ مڪمل منصوبابندي ۽ سماجي شموليت جي مثال طور سامهون اچي۔ مراد علي شاهه چيو هي رڳو هڪ ترقياتي منصوبو ناهي پر سنڌ جي هر شهري لاءِ برابري، همدردي ۽ وقار جو پيغام آهي۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


